واشنگٽن (انٽريسٽنگ نيوز) آمريڪا ۾ هڪ عورت باسمتي چانورن جو ٿيلهون هينڊ بيگ طور استعمال ڪرڻ جي ڪري انٽرنيٽ تي مشهور ٿي وئي آهي. هڪ وائرل وڊيو ۾ عورت کي سيلون ۾ باسمتي چانورن جو ٿيلهون هينڊ بيگ طور استعمال ڪندي ڏسي سگھجي ٿو جنهن ۾ هوءَ پنهنجي لباس سان ان جي ”زبردستي“ ميچنگ ڪرائي رهي آهي. چانورن جي ٿيلهين کي هڪ وائرل پوسٽ ۾ ڏٺو ويو جنهن کي انسٽاگرام صارف امندا جان منگلاٿل شيئر ڪيو هو. پوسٽ ۾ ان ڳالهه تي روشني وڌي وئي آهي ته ڪيئن عورتون اڪثر اعليٰ قسم جا ٿيلها کڻنديون آهن پر هي  عورت هڪ چانورن جو ٿيلهو کڻي گهمي رهي آهي. مِس امنڊا پوسٽ ۾ چيو ته توهان کي اهو ڏسڻو پوندو ته آمريڪا ۾ ڪهڙو ٽرينڊ هلي رهيو آهي. توهان ان يک سولائيءَ سان اختيار ڪري سگهو ٿا. ۽ اهو خاص ٽرينڊ ڀارت ۾ گهٽ قيمت تي سولائيءَ سان دستياب آهي.  ڪجهه صارفن عورت جي ان عمل کي روزانو جي استعمال جي شين کي ٻيهر استعمال جي هڪ انوکي قدم طور ڏسي رهيا آهن. ڪجهه ان تي بحث ڪري رهيا آهن ته هي هڪ انوکو فيشن تجربو آهي؟ پر گهڻن ماڻهن ان منظر مان مزو ورتو  ۽ پوسٽ جي جواب ۾ کل جوڳا تبصرا به ڪري رهيا آهن.