اسلام آباد(بيورو رپورٽ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ بار ايسوسئيشن صحافي مطيع الله جان ڪيس تي جوڊيشل انڪوائري جو مطالبو ڪري ڇڏيو. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ بار جي صدر رياست علي آزاد پاران جاري ڪيل پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته مطيع الله جان کي اغوا ۽ بعد ۾ مٿس ڪوڙي، من گهڙت ايف آءِ آر داخل ڪرڻ جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪريون ٿا. هي آزاد صحافت تي حملو آهي. مطالبو ڪريون ٿا ته ان معاملي جي جوڊيشل انڪوائري ڪرائي وڃي ۽ ڪيس خارج ڪيو وڃي. ڪيس خارج ڪري فوري طور تي مطيع الله جان کي آزاد ڪيو وڃي.