سکر (بيورو رپورٽ) چيف جسٽس سنڌ جسٽس محمد شفيع صديقي سکر پهتو، سکر ايئرپورٽ تي سکر هاءِ ڪورٽ بار ايسوسئيشن پاران آجيان ڪري سنڌ جي ثقافتي سنڌ ٽوپي ۽ اجرڪ جو تحفو ڏنو ويو، جنهن کانپوءِ جسٽس محمد شفيع صديقي سنڌ هاءِ ڪورٽ بار کي خطاب ڪندي چيو ته سکر بار قانون جي بالادستي ۽ آزاد عدليه لاءِ قربانيون ڏئي اڳڀري رهي آهي، بار پنهنجي حقن کان باخبر آهي، هاءِ ڪورٽ سکر جا جيڪي به مسئلا آهن بار جو صدر قربان ملاڻو مون وٽ اچي سڀ مسئلا حل ڪيا ويندا، چيف جسٽس جو چوڻ هو ته بار طرفان ڏنل سنڌي ٽوپي ۽ اجرڪ توڙي مهمان نوازيءَ تي تمام گهڻو ٿورائتو آهيان، جيڪڏهن هاءِ ڪورٽ بار کيس سئو ڀيرا گهرائيندو ته هو هليو ايندو، ان کان اڳ چيف جسٽس سنڌ جسٽس محمد شفيع صديقي هاءِ ڪورٽ ايندڙ ڪيسن معتلق ماڻهن جي لاءِ جوڙايل انتظار گاهه واري هنڌ جو پڻ افتتاح ڪيو.