برسبين(انٽريسٽنگ نيوز) آسٽريليا جي بزرگ عورت 150 بار بي گڏين جي مالڪ آهي جنهن مان ڪيتريون ئي گڏيون غيرمعمولي طور تي مهانگيون آهن پر ان عورت اڃا تائين باربي فلم نه ڏٺي آهي. 72 سالن جي ايليسن برٽن وٽ 1980ع جي ڏهاڪي ۾ ٺهيل باربي گڏي به موجود آهي جيڪا هاڻ ناياب آهي ۽ قمتي بڻجي چڪي آهي. انهن ۾ وڏن وارن واريون گڏيون ۽ ڪجهه منفرد ناسڪر باربي به شامل آهي. ڪجهه گڏين تي قيمتي پٿر به لڳل آهن. هو پنهنجي ڌيئرن سان اڃا به گڏين سان کيڏندي آهي.