نئين دهلي(اسپورٽس نيوز) هندستاني ڪرڪيٽ بورڊ جي صدر راجربني ۽ نائب صدر راجيو شڪلا پاڪستان ۾ ملندڙ قرب جا قصيدا ڳائڻ لڳا، سندن چوڻ هو ته اسان کي بادشاهن جيان رکيو ويو اها ئي ميرباني ملي جيڪا 1984ع ۾ ٽيسٽ ميچ دوران ملي هئي، راجر بني ۽ راجيو شڪلا وفد سان گڏ 4 سيپٽمبر تي لاهور پهتو ڪالهه واهگه بارڊر جي رستي هندستان پهچي ويو، وفد وطن واپسي کانپوءِ هندستاني ميڊيا سان ڳالهائيندي صدر راجر بني چيو ته پاڪستان ۾ شاندار تجربو ڪيو. اسان جو وقت تمام سٺو گذريو، اسان کي پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي آفيشلز سان ملڻ جو موقعو مليو، اسان جي دوري سان سڀ خوش هئا، ۽ اسان کي پڻ دوري سان تمام گهڻي خوشي ٿي. ان موقعي تي نائب صدر راجيو شڪلا جو چوڻ هو ته ٻن ڏينهن وارو دورو سٺو رهيو، پاڪستان جو مطالبو هو ته ٻنهي ملڪن ۾ ڪرڪيٽ شروع ٿيڻ گهرجي جنهن تي اسان انهن کي ٻڌايو ته ان جو فيصلو حڪومت کي ڪرڻوآهي اسان اهو ئي ڪجهه ڪنداسين جيڪو اسان جي حڪومت ڪندي. هي ڪرڪيٽ جو دورو هو ان ۾ ڪا به سياسي ايجنڊا نه هئي.