راولپنڊي(م ڊ) سيڪيورٽي فورسز جي باجوڙ ۾ ڳجهي اطلاع تي ڪارروائي ۾ ٽي دهشتگرد مارجي ويا. آءِ ايس پي آر موجب سيڪيورٽي فورسز باجوڙ جي علائقي لوسم ۾ ڳجهي اطلاع تي آپريشن ڪيو، آپريشن دوران ٽي دهشتگرد ماريا ويا. جيڪي علائقي ۾ ڀتا خوري، فورسز ۽ شهرين جي قتل ۾ ملوث هئا. هنن جي قبضي مان وڏي انگ ۾ هٿيار ۽ بارود هٿ آيو. ان کان اڳ ضلعي خيبر ۾ تخته بيگ پوليس چوڪي تي آپگهاتي حملي ۾ ملوث 6 دهشتگردن کي سي ٽي ڊي گرفتار ڪري ورتو. ياد رهي ته هلندڙ سال 19 هين جنوري تي آپگهاتي بمبار تخته بيگ چيڪ پوسٽ تي فائرنگ ۽ ڌماڪو ڪيو هو، جنهن جي نتيجي ۾ ٻن پوليس اهلڪارن سميت ٽي ڄڻا شهيد ٿي ويا هئا.