اسلام آباد(بيورو رپورٽ) وفاقي وزير خواجا آصف چيو آهي ته اسان دهشتگردي خلاف جنگ شروع نه ڪي هئي. مشرف دهشتگردي خلاف جنگ نه ڪئي، آمريڪا دهشتگرديءَ جو نالو کڻي عراق، لبيا ۽ افغانستان ۾ جنگ وڙهي، اسان دهشتگردي جا سڀ کان وڏو شڪار آهيون، جيڪڏهن اسان دهشتگرد کي آمريڪا حوالي ڪيو ته ڇا ٿيو؟، پاڪستان دهشتگردي خلاف فرنٽ لائن تي جنگ وڙهي رهيو آهي، افغانستان ۾ آمريڪا هاءِ ٽيڪنيڪل هٿيار ڇڏيا آهن. آمريڪا چئي رهيو آهي ته هو هٿيار واپس وٺي رهيو آهي، جيڪا سٺي ڳالهه آهي، آمريڪي هٿيارن سان دهشتگردي ۾ اضافو ٿيو. هن چيو ته ڇا سياسي مخالفن مفاهمت جي ڳالهه ڪئي، ٽي چار ڀيرا حملا ڪري چڪا آهن ۽ عيد کان پوءِ ٻيهر حملو ڪرڻ جو چئي رهيا آهن، هاڻي مفاهمت بدران مزاحمت جي سياست ٿيندي، ڪي پي حڪومت کي به دهشتگردي خلاف جنگ جو ملبو پاڻ کڻڻ گهرجي، پارا چنار جون حالتون سڀني جي سامهون آهن، اهي اسان جي انتظام هيٺ ناهن، پي ٽي آءِ جي باني پهريان هتي خط لکي پوءِ عالمي حيثيت ڏني، خطن جي حشر جيڪو اڳ ٿيو هيو. هاڻي به اهو ئي ٿيندو. باني پي ٽي آءِ کي سياسي نه پر جادو مشورو ڏئي سگهي ٿو  جنرل باجوه، پي ٽي آءِ جي باني جنرل فيض حميد، طالبان کي پاڪستان ۾ آباد ڪرڻ جو فيصلو  ڪيو. اهو ٽنهي جو گڏيل فيصلو هو، اسيمبلي جي ڪارروائي ۾ منهنجو موقف موجود آهي. پرويز خٽڪ کي صوبي مان وفاق ۾ آڻڻ بعد خيبرپختونخواهه ۾ ڦرلٽ ڪئي وئي.