ميھڙ(ن پ ا) ٿرڙي محبت واسي ڀائر ۽ ڀينرون مسمات وحيده ، مسمات سونيا، امجد علي کوسو ، ساجد کوسو، واجد کوسو پنھنجي پيءُ رستم کوسو جي مبينا زيادتين خلاف احتجاج ڪندي دانھيو ته اسان جو پي بلا وجه جي جڳهه کپائي رهيو آهي جيڪو سراسر ظلم آھي. ھنن چيو ته اسان جي پيءُ رستم کوسو جو دماغي توازن درست نه آھي ھو اسان کي پريشان ڪري رھيو آھي ۽ اڳ به 11 لکن ۾ جڳهه وڪرو ڪئي جنهن جا ٽي لک رپيا وٺي ويو ۽ اسان ڀائرن ۽ ڀينرن گڏجي 50 هزار مٿان ڀري ڏنا هئا هاڻ به هو ساڳي جاءِ وڪرو ڪرڻ لاءِ مختلف ماڻهن کي جاءِ ڏيکاري کپائڻ چاھي ٿو جيڪڏهن ائين ٿيو ته اسين نياڻيون ۽ ڀائرن ۽ انهن جا معصوم ٻارڙا دربدري واري زندگي گذارڻ تي مجبور بڻجي وينداسين ھنن چيو ته اسين ٿرڙي محبت جي شهرين ۽ سڄاڻ ڌرين کي اپيل ٿا ڪيون ته ڪير به جڳهه خريد نه ڪري جيڪڏهن ڪنهن خريد ڪئي ته سندن خلاف عدالت وينداسين. هنن آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي حيدرآباد ۽ ايس ايس پي دادو ۽ ٻين وس وارن کان مطالبو ڪيون ٿا ته معاملي جو نوٽيس وٺي اسان کي تحفظ ڏئي اسان کي سڪون سان زندگي گذارڻ جو حق ڏنو وڃي.