ڪراچي (رپورٽ: فقير سليم ) سنڌ ڪابينا ۾ تبديلي: سنڌ سرڪار بابل ڀيو کي ٻيهر صلاحڪار طور ڪابينا ۾ شامل ڪري ڇڏيو، جڏهن ته مڪيش چاولا پڻ ٻيهر ايڪسائيز جو وزير ٿي ويو. 10 خاص معاونن کي کاتا الاٽ ڪيا ويا، سعيد غني، شرجيل ميمڻ، ڄام خان شورو، محمد بخش مهر ۽ نجمي عالم کان هڪ هڪ کاتو واپس. ان حوالي سان جاري ٿيل نوٽيفڪيشنن موجب سنڌ ڪابينا ۾ مڪيش چاولا کي وزير طور ٻيهر شامل ڪري کيس ايڪسائيز کاتي جو قلمدان سونپيو ويو آهي، جنهن جي حلف برداري تقريب اڄ ٿيڻ جا امڪان آهن. جڏهن ته هٿيار اسمگل ڪرڻ جي الزام هيٺ هٽايل بابل ڀيو کي ٻيهر ڪابينا ۾ شامل ڪري صلاحڪار بڻايو ويو آهي. کيس جھنگلي جيوت ۽ ٻيلي کاتي جو قلمدان ڏنو ويو آهي. جڏهن ته ماحوليات واري صوبائي وزير دوست محمد راهمون کي وري صلاحڪار ڪري سندس ساڳيو کاتو برقرار رکيو ويو آهي. هوڏانهن ڊاڪٽر لال چند اڪراڻي کي اقليتون ، سرفراز راڄڙ کي سوشل پروٽيڪشن، قاسم نويد کي سيڙپڪاري، وقار مھدي کي وزيراعليٰ انسپيڪشن ٽيم، راجوير سنگهه کي انساني حق، منصور شاهاڻي کي اسٽوڊنٽس افيئر، عثمان هڱوري کي بيورو آف سپلاءِ، جبار خان کي خوراڪ کاتو، جنيد بلند کي اسٽيٽوا ۽ سليم بلوچ کي پبلڪ هيلٿ کاتو ڏنو ويو آهي. نئين ترتيب هيٺ سعيد غني وٽ پبلڪ هيلٿ ۽ رورل ڊولپمينٽ، شرجيل ميمڻ وٽ اطلاعات ۽ ٽرانسپورٽ، ڄام خان شوري وٽ آبپاشي، محمد بخش مهر وٽ زراعت ۽ رانديون، محمد علي ملڪاڻي وٽ يونيورسٽيز بدران لائيو اسٽاڪ کاتا رهندا. جڏهن ته نجمي عالم رڳو ڪچي آبادي جو صلاحڪار هوندو.