لاهور (اسپورٽس نيوز) قومي ٽيسٽ ٽيم جي ڪپتان شان مسعود بابراعظم کي دنيا جي بهترين بيٽسمينن مان هڪ قرار ڏئي ڇڏيو. ڪرڪ انفو کي ڏنل انٽرويو ۾ قومي ٽيسٽ ٽيم جي ڪپتان شان مسعود چيو آهي ته دنيا جو ڪوبه رانديگر اهو نٿو چئي سگهي ته بابراعظم جو مستقبل خطري ۾ آهي، هن ۾ ڊگهي فارميٽ ۾ عظيم ترين بيٽسمين مان هڪ بڻجڻ جون سموريون خوبيون آهن. هن چيو ته انگلينڊ خلاف مختصر وقفي کانپوءِ اسان بابراعظم کي هڪ مضبوط رانديگر طور واپس ڏسنداسين، ڪنهن به ڪرڪيٽر تي اهڙو وقت اچي سگهي ٿو ۽ ان مان نڪرڻ جي لاءِ هڪ وقفو ضروري آهي، بابر هميشه پاڪستان جي اهم رانديگرن مان هڪ آهي.