لاهور (اسپورٽس نيوز) قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي نيوزيلينڊ دوري لاءِ ون ڊي ۽ ٽي ٽوئنٽي اسڪواڊ جو اعلان ڪيو ويو آهي.ون ڊي ۽ ٽي ٽوئنٽي ٽيم ۾ وڏي ڦيرڦار ڪئي وئي آهي، جتي وڏن نالن کي مختلف فارميٽن ۾ ورهايو ويو آهي.قومي ٽيم جي هيڊ ڪوچ عاقب جاويد اسڪواڊ جو اعلان ڪندي ٻڌايو ته ون ڊي ٽيم جي قيادت محمد رضوان ڪندو، جڏهن ته ٽي ٽوئنٽي فارميٽ ۾ سلمان علي آغا کي ڪپتان مقرر ڪيو ويو آهي ۽ شاداب خان نائب ڪپتان هوندو.سلمان کي ڪپتان ۽ شاداب کي سندس نائب مقرر ڪرڻ جو فيصلو ايندڙ ٻن وڏن ٽورنامنٽن، ٽي ٽوئنٽي ايشيا ڪپ 2025ع ۽ آءِ سي سي ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ 2026ع کي نظر ۾ رکندي ڪيو ويو آهي.نيوزيلينڊ خلاف اعلانيل ون ڊي اسڪواڊ ۾ محمد رضوان (ڪپتان)، سلمان علي آغا (نائب ڪپتان)، عبدالله شفيق، ابرار احمد، عاڪف جاويد، بابر اعظم، فهيم اشرف، امام الحق، عرفان خان نيازي، خوشدل شاهه، محمد علي، محمد وسيم جونيئر، نسيم شاهه، سفيان مقيم، ۽ طيب طاهر شامل آهن.ڪيويز خلاف ٽي ٽوئنٽي سيريز لاءِ ٽيم جي قيادت سلمان علي آغا کي سونپي وئي آهي، جڏهن ته شاداب خان جي نائب ڪپتان طور ٽيم ۾ واپسي ٿي آهي.ٻين رانديگرن ۾ عباس آفريدي، عبدالصمد، ابرار احمد، حارث رئوف، حسن نواز، عرفان خان نيازي شامل آهنان کانسواءِ جهانداد خان، خوشدل شاهه، محمد علي، محمد حارث، عمير بن يوسف، شاهين شاهه آفريدي، سفيان مقيم، ۽ عثمان خان به ٽي ٽوئنٽي اسڪواڊ جو حصو آهن.اوپنر فخر زمان ۽ صائم ايوب کي طبي مشوري تي ٻنهي فارميٽن ۾ شامل نه ڪيو ويو آهي.واضح رهي ته پاڪستاني ٽيم 12 مارچ تي نيوزيلينڊ رواني ٿيندي، ٻنهي ٽيمن وچ ۾ 5 ٽي ٽوئنٽي ميچن جي سيريز 16 مارچ ۽ 3 ون ڊي ميچن جي سيريز 29 مارچ کان شروع ٿيندي.