لاهور (شوبز نيوز) پاڪستاني اداڪاره سونيا حسين جو چوڻ آهي ته پاڪستاني بيٽر بابر اعظم هاڻي سندس پسنديده ناهي رهيو، اداڪاره سونيا حسين تازو ئي نجي ٽي وي چينل جي چيمپئنز ٽرافي جي سلسلي ۾ خصوصي ٽرانسميشن ۾ شريڪ ٿي، شو دوران اداڪاره ڪيترن ئي دلچسپ سوالن جا جواب ڏنا، ڳالهين دوران يمزبان سوال ڪيو ته پاڪستان جي ڪرڪيٽ ٽيم ۾ اوهان جو پسنديده رانديگر ڪير آهي؟، جنهن جي جواب ۾ سونيا حسين ٻڌايو ته قومي ڪرڪيٽ ٽيم ۾ هيل تائين ته منهنجو پسنديده رانديگر بابر هو، پر هاڻي ايئن ناهي، اداڪاره چيو ته هاڻي منهنجو پسنديده رانديگر ڪو ٻيو آهي مان ان رانديگر جو نالو نٿي ڄاڻان، سونيا حسين جو چوڻ هو ته اڳوڻن رانديگرن ۾ مون کي فاسٽ بالر شعيب اختر تمام گهڻو پسند آهي، سندس پنهنجي هڪ سڃاڻپ آهي، اهو اڄ به رانديگرن وچ ۾ بيهندو آهي ته الڳ نظر ايندو آهي.