دبئي ( اسپورٽس نيوز) انٽرنيشل ڪرڪيٽ ڪائونسل ( آءِ سي سي ) ون ڊي پليئرز رينڪنگ جاري ڪري ڇڏي، جنهن ۾ ڀارتي بيٽر شُڀمَن گِل ترقي ڪندي ٽين کان ٻين پوزيشن تي قبضو ڄمائي ورتو آهي. ون ڊي بيٽرز ۾ پاڪستان جي ڪپتان بابر اعظم 863 پوائنٽس جا پهرين پوزيشن برقرار آهي، جڏهن ته ڀارتي اوپنر شُڀمَن گِل 759 ريٽنگ پوائنٽس سان ٻئي نمبر تي موجود آهي. رينڪنگ ۾ ڏکڻ آفريڪي بيٽر رسي وين ڊر ڊوسن ٽئين نمبر تي آهي، آسٽريليا جو ڊيوڊ وارنر هڪ درجو ترقي ماڻڻ کانپوءِ چوٿين نمبر تي اچي ويو آهي. پاڪستان اوپنر امام الحق هڪ درجو وڃائڻ کانپوءِ پنجين نمبر تي هليو ويو،