لاهور (اسورٽس ڊيسڪ ) ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ جي گروپ اسٽيج مان ٻاهر ٿيڻ جي 10 ڏينهن بعد پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جو ڪپتان بابر اعظم ڏيهه واپس پهچي ويو . ڪپتان بابر اعظم نيويارڪ کان دبئي رستي لاهور پهتو. ذريعن موجب، ڪپتان بابر اعظم ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ پي سي بي چيئرمين محسن نقويءَ سان ملاقات ڪندو. ياد رهي ته ٽي ٽوئنٽي عالمي ڪپ مان آئوٽ ٿيڻ کانپوءِ پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جا ڪجهه رانديگر هڪ هفتو اڳ آمريڪا کان وطن واپس پهچي ويا هئا جڏهن ته ڪپتان بابر اعظم سميت حارث رئوف، عماد وسيم، اعظم خان ۽ محمد عامر ٽيم سان گڏ واپس نه آيا هئا.