سنچورين (اسپورٽس نيوز) پاڪستاني بيٽر بابر اعظم ٽي ٽوئنٽي ڪرڪيٽ ۾ نئين تاريخ لکي ڇڏي. بابر اعظم جون ٽي ٽوئنٽي ڪيريئر ۾ تيز ترين11 هزار رنسون مڪمل ٿي ويون، هن اهو ڪارنامو ڏکڻ آفريقا خلاف ٻي ٽوئنٽي ميچ دوران انجام ڏنو. بابر اعظم 298 اننگز ۾ 11 هزار رنسون مڪمل ڪندڙ دنيا جو پهريون بيٽر بڻجي ويو، ان کان اڳ ويسٽ انڊيز جي ڪرس گيل 314 اننگز ۾ 11 هزار رنسون مڪمل ڪيون هيون.