ملتان (اسپورٽس نيوز) هو آيو، هو ميدان ۾ کيڏڻ شروع ڪيو ۽ سينچريز جا ڍير لڳائي ڇڏيا، اها ڳالهه واقعي پاڪستاني ٽيم جي ڪپتان ۽ نامياري بيٽر بابر اعظم لاءِ چئي سگهجي ٿي، ون ڊي ڪرڪيٽ ۾ رڳو 102 اننگز ۾ 19 سينچريز ان ڳالهه جو ثبوت به آهي، رڳو 8 سال اڳ ون ڊي ڪرڪيٽ جي ميدان ۾ قدم رکندڙ بابر اعظم ان فارميٽ جو ميدان فتح ڪري ورتو آهي، هن 102 اننگز ۾ 19 سينچريز ٺاهي ڏکڻ آفريڪي بيٽر هاشم آمله جو رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيو آهي، ايشيا ڪپ ۾ نيپال خلاف ميچ ۾ هن 19هين سينچري ٺاهي ته هن ڏکڻ آفريڪا جي نامياري بيٽر هاشم آمله کي پٺتي ڇڏي ڏنو، هاشم آمله 104 اننگز ۾ 19هين سينچري بڻائي هئي، جڏهن ته بابر اعظم 102هين اننگ ۾ اهو ڪارنامو سرانجام ڏنو.