دبئي (اسپورٽس نيوز) انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل ( آءِ سي سي ) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان بابر اعظم کي پليئر آف دي منٿ قرار ڏئي ڇڏيو. آءِ سي سي طرفان پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان بابر اعظم ٽيون ڀيرو پليئر آف دي منٿ جو اعزاز قرار ڏنو ويو آهي. بابر اعظم کي آگسٽ جي مهيني جي ڪارڪردگي تي پليئر آف دي منٿ قرار ڏنو ويو آهي. آءِ سي سي پليئر آف دي منٿ لاءِ ويسٽ انڊيز جو نڪولس پوران کي به نامزد ڪيو ويو هو. قومي ٽيم جي ڪپتان آءِ سي سي پليئر آف دي منٿ جو اعزاز ماڻن تي خوشي جو اظهار ڪندي چيو ته گذريل هڪ مهينو اسان جي ٽيم لاءِ غيرمعمولي رهيو آهي، اسان شاندار پرفارمنسز جو مظاهرو ڪيو آهي. بابر چيو ته ايشيا ڪپ دوران پنهنجي مُلڪ جي عوام آڏو کيڏي سٺو لڳو، ڊگهي عرصي کانپوءِ ايشيا ڪپ جون ميچون پاڪستان ۾ ٿيون. هن وڌيڪ چيو ته پنهنجي ڪيريئر جي 150 رنسن کان وڌيڪ جي ٻي اننگز ملتان جي عوام آڏو ٺاهي جنهن ٻيڻي خوشي آهي.