لاهور(اسپورٽس نيوز) قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان بابر اعظم سوشل ميڊيا تي غزه جي حق ۾ آواز بلند ڪري ڇڏيو، سماجي رابطن واري سائيٽ ٽوئٽر (ايڪس) تي هن غزه جي معصوم ٻارڙيءَ جي هٿ ۾ فلسطيني جهنڊي سان تصوير پوسٽ ڪئي، هڪ شعر به لکيو ته اي پروردگار مظلوم مسلمان فلسطينين مٿان مشڪل گهڙي آهي، انهن جي آزمائشن مان جان ڇڏايو.