لاهور (اسپورٽس نيوز) لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان بابر اعظم خلاف مبينا هراسان ڪيس جي ٻڌڻي ملتوي ڪئي وئي آهي، لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ اڳوڻي ڪپتان بابر اعظم خلاف مبينا هراسان ڪيس ۾ درخواست تي ٻڌڻي ٿي، ٻڌڻي دوران مبينا هراسان ٿيڻ جو شڪار عورت به عدالت ۾ پيش ٿي، بابر اعظم جي سينئر وڪيل بيرسٽر حارث عظمت جي غير موجودگي ۾ سندس جونيئر وڪيل ڪيس ملتوي ڪرڻ جي درخواست ڪئي، جنهن کي عدالت منظور ڪري ورتو، عدالت ريمارڪس ڏنا ته اهو معاملو 2021ع کان التويٰ هيٺ آهي ۽ هر ڀيرو ڪيس ملتوي ڪرڻ جي درخواست ڪئي ويندي آهي، عدالت بابر اعظم جي وڪيل سان مڪالمو ڪندي چيو ته اوهان 2021 کان منع نامو وٺي رکيو آهي ۽ عدالت ۾ پيش به ناهيو ٿيندا، عورت وڪيل موقف اختيار ڪيو ته اهو زنا جو ڪيس آهي ۽ بابر اعظم شادي جو ڏٽو ڏئي زيادتي ڪئي، وڪيل وڌيڪ چيو ته ڪرڪيٽر کي عورت جا 12 لک رپيا به ڏيڻا آهن، عدالت بابر اعظم جي وڪيل طرفان ٻڌڻي ملتوي ڪرڻ جي درخواست منظور ڪندي ڪيس 16 ڊسمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏيو ۽ وڌيڪ ٻڌڻي لاءِ ڪيس جو فائل جسٽس اسجد جاويد گهرال ڏانهن اماڻڻ جي سفارش ڪئي آهي، ياد رهي ته اهو مقدمو جسٽس وحيد خان جي عدالت ۾ ٻڌڻي هيٺ هيو، جنهن ۾ عدالت بابر اعظم خلاف ڪيس جي داخل ٿيڻ جي فيصلي تي اڳواٽ جاري حڪم امتناعي برقرار رکيو آهي.