ڪراچي (اسپورٽس نيوز) اڳوڻي ڪپتان بابر اعظم جي بگ بيش ليگ (بي بي ايل) فرنچائز سڊني سڪسرز سان معاهدي جا تفصيل سامهون اچي ويا آهن. ذريعن موجب سڊني سڪسرز بابر اعظم کي بنيادي پرائيز کان وڌيڪ جي آڇ ڪندي اڳواٽ سائن ڪيو. بابر اعظم بگ بيش ليگ لاءِ سڪسرز سان تقريبن 10 ڪروڙ رپين ۾ معاهدو ڪيو آهي. سڊني سڪسرز بابر اعظم کي پلاٽينم ڪيٽيگري ۾ سلڪيٽ ڪيو، پلاٽينم ڪيٽيگري جي بنيادي پرائيس تقريبن 85 ملين رپيا آهي.ذريعن موجب بابر اعظم بي بي ايل جي تاريخ ۾ سڀ کان مهانگن رانديگرن مان هڪ آهي.بگ بيش ليگ 14 ڊسمبر کان آسٽريليا ۾ شروع ٿيندي، جنهن ۾ بابر اعظم پهريون ڀيرو حصو وٺي رهيو آهي.