لاهور (اسپورٽس نيوز) قومي ٽيم جي ڪرڪيٽر ۽ اڳوڻي ڪپتان بابر اعظم تي مبينا زيادتي جي ڪيس ۾ عورت کي عدالت طلب ڪري ورتو آهي، بابر اعظم خلاف مبينا زيادتي جو ڪيس داخل ڪرڻ جي عدالتي حڪم خلاف جسٽس اسجد جاويد گهرال درخواست تي ٻڌڻي ڪئي، عدالت ايندڙ ٻڌڻي تي عورت کي طلب ڪندي جاچ آفيسر کي عورت جو بيان به لکت ۾ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو، جسٽس اسجد جاويد گهرال ريمارڪس ڏنا ته جيڪڏهن ڪيس داخل ڪرائيندڙ عورت ڪيس کي اڳتي نٿي وڌائڻ چاهي ته ان کي ختم ڪيو وڃي، عورت درخواست گذار اڳوڻي ڪپتان بابر اعظم تي زيادتي، هراسان ڪرڻ، بليڪ ميلنگ ۽ پيسا ڦٻائڻ جو الزام لڳايو آهي، جڏهن ته ڪرڪيٽر جو موقف آهي ته الزام بي بنياد آهن ۽ شهرت کي نقصان پهچائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، بابر اعظم جو موقف آهي ته عدالت ايڊيشنل سيشن جج جو فيصلو ڪالعدم قرار ڏئي، واضح رهي ته حاميزه مختار نالي ڇوڪري نومبر 2020 ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي بابر اعظم تي الزام لڳايا هئا ته اها بابر اعظم جي پاڙي ۾ رهندي هئي، ٻئي هڪ ئي اسڪول ۾ پڙهندا رهيا آهن، ڪرڪيٽر مون کي محبت ۾ دوکو ڏنو، 2010 ۾ شادي جو واعدو ڪيو پر جڏهن به نڪاح جو مطالبو ڪندي هيس ته تشدد جو نشانو بڻايو ويندو هو، ٻئي خاندان شادي لاءِ تيار نه هئا، آخرڪار بابراعظم انڪار ڪري ڇڏيو.