لاهور (اسپورٽس ينوز) ڪپتان بابراعظم ٽريننگ جو ڪوبه موقعو هٿان وڃڻ ناهي ڏيندو اها ئي شيءِ بابر ٻين رانديگرن کان بهتر بڻائي ٿي. سريلنڪا خلاف سيريز جي تيارين لاءِ قومي ٽيسٽ اسڪواڊ جي ٽريننگ 26 جون کان راولپنڊي ۾ شروع ٿيندي پر بابراعظم ۽ امام الحق نيشنل هاءِ پرفارمنس سينٽر ۾ ٽريننگ شروع ڪري ڇڏي آهي. بابراعظم نيشنل هاءِ پرفارمنس سينٽر لاهور ۾ ڪيترائي ڪلاڪ بيٽنگ پريڪٽس ڪندو آهي. گڏيل ٽريننگ لاءِ امام الحق به ساڻس گڏ هوندو آهي.  بابراعظم ۽ امام الحق کي ٿرو ڊائون سان به پريڪٽس ڪرائي وئي. بابراعظم سليب جي مدد سان خاص ٽريننگ ڪئي، اسسٽنٽ ٽو هيڊ ڪوچ شاهد اسلم بابراعطم کي بائونس سان گڏ بيٽنگ پريڪٽس ڪرائي.