لاهور (اسپورٽس نيوز) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان سرفراز احمد چيو آهي ته آسٽريليا جي سيريز ۾ بابر اعظم، شاهين آفريدي، اسٽيو سمٿ ۽ مچل اسٽارڪ مداحن جي ڌيان جو مرڪز هوندا. هڪ بيان ۾ سرفراز احمد چيو ته بابر اعطم اسٽيو سمٿ ٻئي عالمي معيار جا بيٽر آهن، بينو قادر ٽرافيءَ ۾ ٻنهي رانديگرن کي لائيو ايڪشن ۾ ڏسڻ نوجوان ڪرڪيٽرن لاءِ بهترين موقعو هوندو. سرفراز احمد چيو ته شاهين آفريدي ۽ مچل اسٽارڪ بهترين بالر آهن جيڪي ڪنهن به وقت مخالف ٽيم کي پريشان ڪري سگهن ٿا،