بابا هُجئي ناڻو ته پڙهاءِ…!؟

0
18
بابا هُجئي ناڻو ته پڙهاءِ...!؟

ٻي مهاڀاري  جنگ ۾ جڏهن آمريڪا  طرفان جاپان جي ٻن شهرن  هر هڪ  ناگا ساڪي ۽ هيروشيما تي ايٽم بم ڪيرايا ويا ته  جاپان  جي شهنشاهه هيرو هيٽو پاڻ اچي جنگ هارائڻ جو اعلان ڪيو، ڇاڪاڻ ته هاڻي سندن ملڪ  جو عوام مري رهيو هو. ياد رهي ته جاپانين جو عقيدو آهي ته، سندن شهنشاهه ڪڏهن به هارائي نه ٿو سگهي، پر عوام کي جيئدان ڏيڻ لاءِ شنهنشاهه جنگ هارائڻ جو اعلان ڪيو! ائين به نه هو ته ڪو سندن فوجون هارائي رهيون هيون، بلڪه جاپاني فوج پنهنجي محاذن تي اڃان به اڳڀرائي ڪري رهي هئي. جاپاني هوائي فوج لاءِ  ائين به اچي ٿو ته جيڪڏهن سندن ويڙهاڪ جهاز نشانو بڻيو ٿي ته ان جو پائلٽ جهاز موٽائي اچي ساڳئي  ٽارگيٽ  تي ڪيرائي پيو ته جيئن ان سان به مخالف  فوج جو زيان ٿئي! بهرحال جاپاني بادشاھ جي طرفان جنگ هارائڻ جو اعلان ڪرڻ کانپوءِ ملڪ آمريڪي قبضي ۾ هليو ويو. جاپانين آمريڪا کان رڳو هڪ شرط مڃرايو ۽ اهو ئي ته کين پنهنجو  جاپاني هنر ۽ علم سکڻ ۽ پڙهڻ کان نه روڪيو ويندو.

                 انهيءَ ڳالهه کان انڪار نه آهي ته هر قوم ۽ هر خطي وارن وٽ  انهن جي ماحول مطابق علم ۽ هنر هوندو آهي. جيئن سنڌ اندر ٿر پاسي ٺهيل گهر. ياد رهي ته ٽڪراٺي تي ٺهيل گهر ۽ ميداني علائقن ۾ ٺهيل گهرن ۽ جاين  جا پنهنجا پنهنجا نمونا آهن، ڇو ته اهي اتان جي ماحول موافق هوندا آهن. اسان وٽ خاص طرح  سنڌ ۾  جيئن ٻاهريان علم پڙهائجڻ شروع ٿيا ته پنهنجي علم ۽ هنر مان مڪمل هٿ ڪڍي بيهي رهياسين. اڃان به انهن کي گهٽ سمجهڻ شروع ڪيوسين پر جيڪڏهن  حقيقت ڏسجي ته اڄ به اسان جي گهرن جي رونق ۾ پراڻي علم ۽ هنر رکندڙن جو ڪردار آهي. اسان ويهڻ، سُمهڻ لاءِ کٽ ته طلبيون ٿا، پر کٽ ٺاهيندڙ، واڻ  وٽيندڙ، کٽ واڻيندڙ لاءِ چوندا آهيون ته هِي عام ماڻهو آهن ۽ سوچيندا آهيون ته اهي پڙهن ها، نوڪري ڪن ها ته  ڪيڏو نه ڀلو ٿئي ها! بهرحال ‘هر ٻار اسڪول ۾’ جي نعري سان  مهمون شروع ڪري پهرين ٻئي درجي کان ٻارن کي انگريزي پڙهائڻ شروع ڪئي وڃي ٿي ۽ سوچيون ٿا ته اجهو ٿي ترقي  ٿئي. انهيءَ ترقي مان  75 سالن  کان ڪهڙي مراد آهي؟ ٿي سگهي ٿو  ڪنهن سمجهي هجي. هڪ سٽ آهي پئي ٿي لکجي… شاباس  لهڻي سنڌي ٻار جيڪو  اسڪول پڙهندي چار ٻوليون، لکڻ،  پڙهڻ  ۽ ڳالهائڻ  به سکي ٿو ۽ فزڪس، ڪيميسٽري، حساب، بائلاجي سان گڏ  معاشرتي علم پڙهندي وڃي ميٽرڪ پاس ڪري ٿو. ڪاليج پهچڻ  تي شاگردن  کي هيومنٽيز  ۽ ڪامرس جي  تعليم  به ڏئي  ويندي آهي پر اڪثر ٻارن جو زور سائنس پڙهڻ ڏانهن هوندو آهي. سائنس پڙهندڙن لاءِ جيڪو نصاب پڙهائجي ٿو، ان کي آفيشلي انجنيئرنگ کان پهريان ۽ ميڊيڪل کان پهريان  جو نالو ڏنل آهي يا  ائين چون ته  اسان کي سائنس  جا ڪلاس پڙهائيندي اسان کي انجنيئرنگ يا ميڊيڪل جي تياري  ڪرائڻي هوندي آهي. مٿين شعبن ۾ دلچسپي رکندڙ ٻار ڪافي محنت سان هڪ پاسي ڪلاس ۾ اچي  پڙهن ٿا، ساڻ شام جي وقت  ٽيوشن پڙهڻ لاءِ وڃن ٿا. ٽيوشن پڙهڻ جو سبب هي ته جيڪا ڳالهه هڪ  دفعو سمجهه ۾ نه اچي ته ٻيهر پڙهڻ لاءِ سمجهڻ جو موقعو مليو وڃي. پڙهڻ  ۾ دلچسپي رکندڙ ٻارن ۾ هڪڙا اهي آهن، جيڪي قدرتي طرح ذهن آهن، ٻيا  اهي جيڪي پنهنجي پِيءُ ماءُ کي اُس، ڇانو  ۾ پورهيو ڪندي ڏسن ٿا ۽  پاڻ لاءِ سک  طلبين ٿا ۽ ٽيان اهي  جن جا والدين  ڊاڪٽر انجنيئر آهن يا ڪنهن سٺي پوسٽ تي  ڪم ڪن ٿا ۽ اولاد  کي به اهڙو ٿيڻ گهرن ٿا. شروع ۾ ته بورڊ  طرفان  ڏنل مارڪن کي بنياد بڻائي ادارن اندر ڊاڪٽري، انجنيئري ۾ داخلائون  ڏنيون وينديون هيون پر اڳتي  هلي اهو محسوس ٿيو ته، جن شاگردن کي امتحان ۾ سهولتون ملن ٿيون. انهن جون مارڪون وڌيڪ اچن ٿيون. ان ڪري  ميڊيڪل ۾ داخلا لاءِ جداري ٽيسٽ ورتي وڃي، جنهن کي انٽري ٽيسٽ سڏيو وڃي ٿو پر بورڊ  انٽري ٽيسٽ  ۾ کنيل مارڪن کي گڏائي  ميرٽ لسٽ ٺاهي وڃي، جنهن سان بورڊ جي اهميت اها ئي بحال رهندي پئي اچي.

يارهين، ٻارهين  جي  امتحان هلندي  بورڊ  جي عملي  تي مقرر ٽيمون جوڙيون وينديون آهن، جيڪي سينٽرن تي اچي ٻارن کي سوڙهو ڪنديون آهن ۽ پڪ سان ڪاپي ڪيس به ٺاهينديون آهن. اسان کين اهو احساس ڏيارڻ جي ڪندا آهيون ته، سرڪاري  اداري ۾ عام غريب  گهراڻن  جا ٻار پڙهن ٿا.  انهن کي  ڪاپي ڪرڻ کان ته ڀلي روڪيو پر سرنديءَ وارا جيڪي بورڊ ۾ اچي  وهنوار ڪن ٿا، انهن کي به ته روڪيو! ان عمل  تي ته سڀڪو خاموش آهي.  هن وقت جيڪو تعليم جو نظام هلي پيو، ان ۾ هر سال پڙهايل ڪورس جو امتحان به ورتو ويندو آهي. تعليمي بورڊ ۽ يونيورسٽيون امتحان ڪرائينديون آهن. انهن ۾ جيڪا خاص ڳالهه ڳُجهي رکي ويندي آهي، سا آهي  سوالي پيپر، سوالي پيپر جو نمونو  ته بورڊ ۽ يونيورسيٽون طئي ڪنديون آهن، باقي  انهيءَ نموني مطابق سوال ڪڍڻ لاءِ اڪثر ذميواريون  ڪاليجي استاد نڀائيندا آهن. ڪاليجي استادن طرفان اهو ڪم ايترو ته ذميواريءَ سان نڀايو ويندو آهي جو اڄ تائين ڪڏهن به بورڊ يا يونيورسٽي جو سوالي پيپر اڳواٽ ظاهر نه ٿيو آهي، هر شاگرد پيپر واري ڏينهن نائين بجي صبح تي ڏسندو آهي ته پيپر ۾ ڇا  پڇيو  ويو آهي، رهي ڳالهه  ميڊيڪل  ٽيسٽ  جي پيپر  جي ته ڪافي ٽائيم ته اهو به راز  ۾ رهيو پر پوءِ نيٺ اهو ميڊيڪل ٽيسٽ  کان پهريان واري رات ليڪ ٿي  پهچ وارن وٽ پهچيو وڃي!

ان عمل تي پڙهندڙ ٻارن طرفان احتجاج ۽ ڪورٽن جا دروازا  پڻ کڙڪايا ويندا رهيا پر آخر ۾ ڪجهه نه ٿيو جو نتيجو ڏسي واسطيدار شاگرد اچي ٻئي سال ٽيسٽ ڏيڻ لاءِ  تياري شروع ڪن  پيا. ميڊيڪل  پڙهائيندڙ  ادارن ۾ پڻ  اها ڳالهه شاگردن مان محسوس ڪئي ويندي آهي، ڇو ته  اهڙيون مارڪون کڻي  داخل ٿيندڙ ٻار ڪلاس ۾ unresponsive  هوندا آهن. انڪوائري ۽ ڪيسن داخل  ڪرڻ مان  ڪجهه  هٿ نه اچڻ ئي عوام ۾ لاءِ هي آهي ته شاگرد دانهون ڪن ٿا. سال 2024 ۾ ميڊيڪل ڪاليجن ۾ داخلا لاءِ ورتي ويندڙ  ٽيسٽ لاءِ في شاگرد کان 8000 هزار روپيا رقم وصول ڪئي وئي، جيڪا گڏيل طور 1.5 بلين رپيا ٿئي ٿي. ايتري بجيٽ هوندي به اخباري خبرن مطابق، ڪافي سينٽرن تي اميدوارن کي پاڻي، ويهڻ لاءِ ڪرسي اس کان بچاءِ ۽ پکي جي هوا جي سهولت نه هئي پر گهڻي  ڏکوئيندڙ ڳالهه هئي ته ڪافي ٻارن کي ڏيتي ليتي جي بدلي  ڪاپيءَ جي سهولت  مليل هئي. جيئن ڪوئيٽا سينٽر  تان 50 ٻار ڪاپي ڪندي پڪڙيا ويا، پر اداري ٻارن جي اهڙي ڪوشش پاڻ تان بار هلڪو ڪيو. اسلام آباد سينٽر تان 15 شاگرد بلوٽوٿ ڊوائيس استعمال ڪندي پڪڙيا ويا، جنهن  تي کين پيپر حل ڪرڻ جون هدايتون ڏنيون پئي ويون. اهڙي هدايت  موڪليندڙ ٻن ماڻهن کي گرفتار ڪيو ويو. ان سلسلي ۾ سنڌ  اندر ته گهڻي خرابي  ٻڌائي  وئي، ڊاڪٽرن جي جوائنٽ ايڪشن ڪاميٽي طرفان ظاهر ڪيو ويو ته صبح  جو ٿيندڙ  ٽيسٽ جا سوال ٽن حصن ۾ پيپر جي اڳئين رات  ظاهر ٿيا. جن ۾ صبح  واري ٿيندڙ ٽيسٽ  جا سوال 200 مان 184 سوال جوابن سميت  موجود هئا. هن ايڪشن ڪاميٽي طرفان حيدرآباد ۾  1.6 ملين  في ٻار ادائگيءَ جي بدلي خانگي جاين ئي ٻارن کان پيپر وٺڻ  جي پڻ ڳالهه ڪئي وئي. انٽري ٽيسٽ جي رزلٽ اچڻ  کانپوءِ ٻن ضلعن هر هڪ ڪشمور  ۽ ٿرپارڪر جي ٻارن طرفان  95 کان 100 سيڪڙو مارڪون کڻڻ پوري سنڌ کي شڪن ۽ وهمن ۾ وجهي ڇڏيو آهي. غريب گهراڻن جا ٻار مايوس آهن ته هي ملين پئسا ڪٿان آڻيون، جيڪي مارڪشيٽ کي شاهوڪار ڪن ۽ ٽيسٽ جي پهريان جوابن واري ڪِي وٺڻ آسان ڪن، ڇو ته سندن  محنت پئسي جي وهڪري ۾ وهي وڃي  ٿي!