ڪراچي(شوبز نيوز) پاڪستان جي مشهور اداڪار عدنان صديقي کي سوشل ميڊيا تي گردش ڪندڙ پنهنجي وفات جي خبرن جي پاڻ ئي وضاحت ڪرڻي پئجي وئي. هن چيو ته آئون بلڪل ٺيڪ ۽ زنده آهيان، ايندڙ ڀيري اهڙي خبر هلائڻ کان مون سان ضرور رابطو ڪجو. هن يوٽيوب جي هڪ وڊيو به شيئر ڪئي جنهن ۾ هن جي موت جي خبر هلائي وئي هئي. وڊيو ڏيکارڻ بعد عدنان طنزيه انداز ۾ چيو ته تمام سٺو انسان هو، الله ان کي جنت ۾ اعليٰ مقام عطا ڪري سندس گهر وارن کي صبر عطا ڪري سندس دوستن کي خوش ۽ آباد رکي.