ڪنڊيارو(ن پ ا) ڪنڊيارَي جي ڳوٺ دين محمد ڪلهوڙو جي رهواسڻ ناري حفيظان ڪلهوڙو پنهنجي امڙ سڪينه ڪلهوڙو ۽ پيء ارباب ڪلهوڙو سان گڏ ڪنڊيارو ۾ نيشنل پريس ڪلب اڳيان احتجاج ڪندي دانهيو آھي ته بکري شھر جو بااثر عابد شاه زبردستي منهنجي شادي ڪرائڻ چاهي ٿو. بااثر منهنجي مائٽن کي گهرائي ڏنڊي جي زور تي کانئن منهنجي شادي جي لکت ڪرائي آهي ۽ مٿن تشدد ڪيو آھي هن دانهيو ته منهنبجا والدين غريب ۽ بي پهچ آهن جنهن سبب بااثر ظلم ڪري رهيو آهي ۽ ڪير به سندن دانهن ٻڌڻ وارو نه آهي هن چيو ته منهنجي زندگي برباد ڪرڻ جون ڪوششون ڪيون پيون وڃن پر بااثر خلاف ڪا به ڪارروائي نه پئي ٿي هن ڊي آء جي شهيد بينظير آباد ايس ايس پي نوشهروفيروز کان نوٽيس وٺي انصاف ڏياري بااثر خلاف قدم کڻن جي اپيل ڪئي انصاف نه ٿيڻ جي صورت ۾ هو پاڻ کي باهه ڏئي ساڙي ڇڏڻ جو چتاء ڏنو ان موقعي تي نياڻي حفيظان ڪلهوڙو جي والد ارباب ڪلهوڙو چيو ته منهنجي نياڻي جي زندگي برباد ڪئي پئي وڃي وس وارا نوٽيس وٺي انصاف ڏيارين.