ممبئي (شوبز نيوز) مشهور بالي ووڊ اداڪار ورون ڌون تازو پنهنجي زندگي جو هڪ خوفناڪ واقعو هڪ پوڊ ڪاسٽ ۾ شيئر ڪيو. هن انڪشاف ڪيو ته بااثر جي زال سندس گهر ۾ گهڙي آئي، جنهن ڪري هو سخت خوفزده ٿي ويو. ورن ڌون چيو ته هڪ عورت، جيڪا هڪ بااثر شخص جي زال هئي، سندس پٺيان سندس گهر آئي. ورن ڌون وڌيڪ چيو ته ڪو ماڻهو هن عورت سان مون جهڙو آواز استعمال ڪري ڳالهائي رهيو هو، جنهن سبب هوءَ دوکي ۾ منهنجي گهر آئي هئي، حيرت جي ڳالهه اها هئي ته هوءَ منهنجي گهر بابت سڀ ڪجهه ڄاڻي پئي، ضد تي هئي ته مون ساڻن واعدو ڪيو هو ته مان ساڻس گڏ گهران نڪري ويندس، اداڪار چيو ته واقعي کانپوءِ کيس پوليس کي فون ڪرڻو پيو، جنهن بعد هڪ ليڊي ڪانسٽيبل صورتحال کي سنڀاليو. ورن ڌون عوام ۾ ساڻس پيش ايندڙ واقعن جو ذڪر ڪندي چيو ته هڪ ڀيرو هڪ عورت پرستار کيس زبردستي چمي ڏني، جيڪو سندس لاءِ اڻ وڻندڙ تجربو هو. واضح رهي ته ورن ڌون 2021ع ۾ پنهنجي ويجهي دوست نتاشا سان شادي ڪئي هئي ۽ کيس جون 2024ع ۾ هڪ ڌيءَ ڄائي.