ٺٽو (رپورٽر) ٺٽي ويجهو درگاهه ستيون ويجھو ڳوٺ صابو ميربحر جي رهواسين خميسو ميربحر، مصري ميربحر، صاحبڏبو مير بحر ۽ ٻين چيو آهي ته سندن ڳوٺ ڀرسان ڄام واھ برانچ جي ڪنارن تان بااثر ماڻھن پاران آبپاشي کاتي جي عملدارن جي ملي ڀڳت سان ڳرين مشينن ذريعي مٽي ڊمپرن ذريعي کنئي پئي وڃي، جنھن ڪري واهه جا ڪنارا ڪمزور ٿيڻ توڙي اضافي پاڻي اچڻ ڪري ڪنھن به وقت واھ کي گھارا پوڻ ۽ ڳوٺ ۽ زرعي زمينون ٻڏڻ جو خطرو برقرار آھي، پر ضلعي انتظاميا ٺٽو توڙي ايريگيشن کاتي اڃا تائين ڪوبه تحرڪ ناھي ورتو، ھتان جي رھواسين اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو آھي ته ھن معاملي جي فورن جاچ ڪرائي برانچ جي ڪنارن تان طاقت جي زور تي کڄندڙ مٽي کي بند ڪرائي کين امڪاني نقصان توڙي پريشاني کان بچايو وڃي، ٻي صورت ۾ سخت احتجاج ڪيو ويندو.