واشنگٽن (م ڊ) آمريڪي صدر جو بائڊن جي_20 اجلاس ۾ ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي سان ملاقات ڪئي ۽ ڀارت ۾ انساني حقن جي سنگين ڀڃڪڙين، سول سوسائٽي کي چٿڻ ۽ آزاد صحافت تي پابندين بابت مسئلن تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو. پرڏيهي خابرو اداري موجب ڀارت ۾ ٿيندڙ جي _20 ملڪن جي سربراهي اجلاس ۾ آمريڪي صدر جو بائڊن ڀارت ۾ اقليتن ۽ صحافين تي ٿيندڙ پرتشدد ڪاررواين تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو. صدر جو بائڊن ٻڌايوته هن ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي سان انساني حقن جي فراهمي يقيني بڻائڻ جو مطالبو ڪيو آهي.