اسلام آباد (بيورو رپورٽ) تحريڪ انصاف جي سيڪريٽري جنرل اسد عمر چيو آهي ته آمريڪي صدر پنهنجي بيان ۾ پاڪستان لاءِ “هم آهنگي کان محروم ايٽمي صلاحيت جو حامل ملڪ” جا لفظ استعمال ڪيا آهن، جوبائيڊن اهڙا لفظ آمريڪا جي لاءِ استعمال ڪري سگهي ٿو، آخرڪار ان جي جماعت گذريل صدارتي چونڊون چورائڻ ۽ آئين کي هيٺ مٿي ڪرڻ جي ڪوشش ڪرڻ تي ڊونلڊ ٽرمپ جي تعاقب ۾ آهي، شيشي جي گهرن ۾ رهندڙ ملڪن کي ٻين تي پٿر اڇلائڻ کان پهريان سوچڻ گهرجي، پي ٽي آءِ جي نائب صدر شيرين مزاري چيو آهي ته بائيڊن جو پاڪستان خلاف بيان ته غير متوقع نه آهي، آمريڪا اهو سڀ ڪجهه باقاعدگي سان ڪرڻ جو عادي آهي، پر حقيقت اها آهي ته ايٽمي اثاثن بابت بيان باوجود امپورٽيڊ حڪومت ۽ ڊي جي آءِ ايس پي آر جي خاموشي شرمناڪ آهي، هونئن ته حڪومتي جي تبديلي جي آمريڪي سازش کي ڏٺو وڃي ته ان شرمناڪ خاموشي تي به ڪا حيرت نه ٿئي، هن جوبائيڊن کان پاڪستان کان معافي وٺڻ جو مطالبو ڪيو.