واشنگٽن(م ڊ) غزه ۾ الشفا اسپتال تي حملي خلاف واشنگٽن ۾ وائٽ هائوس سامهون جنگ مخالف هزارين ماڻهو جمع ٿي زبردست احتجاج ڪيو. پرڏيهي ميڊيا موجب احتجاج ڪندڙ نعرا هڻي رهيا هئا ته بائيڊن تون لڪي نٿو سگهين، قتلام جو تون ئي ذميوار آهين. احتجاج ڪندڙن مطالبو ڪيو ته فوري طور تي جنگبندي ڪرائي مظلوم فلسطينين جو قتلام بند ڪرايو وڃي، وائيٽ هائوس ٻاهران آمريڪين جي احتجاج سبب پوليس طرفان ماڻهن کي ڇڙوڇڙ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ان دوران چڪريون شروع ٿي ويون. ڪجهه ماڻهن جي گرفتارين جا اطلاع آهن.