واشنگٽن (م ڊ) آمريڪي سينيٽر ڪرس وان هالن چيو آهي ته بائڊن انتظاميا پاڪستان جي سياست ۾ مداخلت نه ڪندي ۽ اهو پاڪستان تي دارومدار آهي ته اهي پنهنجي اڳواڻن جو فيصلو ڪن.  پاڪستاني ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪرس وان هالن چيو ته هڪ عرصي کان بائڊن انتظاميا سان رابطي ۾ آهيان، بائڊن انتظاميا پاڪستاني سياست ۾ مداخلت نه پئي ڪري. هن چيو ته اعتماد سان چئي سگهان ٿو ته پاڪستاني سياست بابت ڪجهه به انجنيئر ڪرڻ جي ڪوشش ناهي ٿي، اهو پاڪستاني عوام تي دارومدار ٿو ڪري ته اهي پنهنجي اڳواڻن جو فيصلو ڪن، يقيني بڻايو وڃي ته پاڪستاني عوام جي مرضي ٻڌي وڃي ۽ ان جي عڪاسي ڪئي وڃي. آمريڪي سينيٽر اهو به چيوته پاڪستان ۾ چونڊون آزاد ۽ منصفاڻيون ٿيڻ ضروري آهي، آمريڪا، ٻين جمهوريتن ۽ پاڪستاني عوام دلچسپي رکن ٿا ته چونڊون شفاف ٿين. ڇو جو باڊن انتظاميا پاڪستان سان تماممضبوط ۽ ٻه طرفا لاڳاپا چاهي ٿي. پاڪستان سان سٺا لاڳاپا سڄي دنيا ۾ استحڪام ۽ سلامتي لاءِ اهم آهن. سينيٽر ڪرس وان هالن وڌيڪ چيو ته پاڪستان ۾ ٻوڏ کان پوءِ آمريڪا جي مدد ڏسڻ ۾ آئي، آمريڪا پاڪستان جي معاملي ۾آءِ ايم ايف کي هنگامي معاشي رليف سان اڳتي اچڻ لاءِ تمام اهم ڪردار ادا ڪيو آهي.