بائيڊن، ٽرمپ انتظاميا ۽ ايمنسٽي انٽرنيشنل پاران عمران خان جي آزادي جو مطالبو

0
215
بائيڊن، ٽرمپ انتظاميا ۽ ايمنسٽي انٽرنيشنل پاران عمران خان جي آزادي جو مطالبو
بائيڊن، ٽرمپ انتظاميا ۽ ايمنسٽي انٽرنيشنل پاران عمران خان جي آزادي جو مطالبو

آمريڪي قانونسازن، بائيڊن، ٽرمپ انتظاميا ۽ ايمنسٽي انٽرنيشنل پي ٽي آءِ باني جي آزاديءَ جو مطالبو ڪري ڇڏيو، پي ٽي آءِ جي مظاهرين خلاف طاقت جو استعمال نه ڪيو وڃي، پاڪستان حڪومت تي زور، ٽرمپ جي اڳوڻي انتظاميا ۾ ڊائريڪٽر نيشنل انٽيليجنس طور خدمتون انجام ڏيندڙ رچرڊ گرينيل به ٽوئيٽ ڪيو، رچرڊ گرينيل  چيو آهي ته اسلام آباد جي ڳڻتي جوڳي صورتحال بابت بلوم برگ جي رپورٽ شيئر ڪئي، پي ٽي آءِ باني کي آزاد ڪيو، ٽرمپ جي گذريل انتظاميا جي اهم عهديدار  زلمي خليل زاد پاران “شرپسندن کي ڏسندي گولي هڻڻ واري حڪم”  تي ڳڻتي ظاهر، زلمي خليل زاد چيو ته اهڙو حڪم ڏيڻ تباهي آڻيندڙ غلطي آهي، قانون لاڳو ڪرڻ جو اهو طريقو درست ناهي، آمريڪي ڪانگريس ميمبرن پاران به پاڪستان ۾ جاري سياسي بحران ۽  انساني حقن جي صورتحال تي تنقيد، آمريڪي ڪانگريس ميمبرن مطالبو ڪيو ته عمران سميت سمورن سياسي قيدين کي آزاد ڪيو وڃي