ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) قانون واري وزير بئريسٽر عمر سومرو اسپيشل سيڪيورٽي يونٽ جي هيڊڪوارٽر پهچي مختلف شعبن جو دورو ڪيو، هن ايس ايس يو جي پيشيوراڻين صلاحيتن ۽ انتظامن کي ساراهيو. ترجمان موجب وزير دهشتگردن کي منهن ڏيڻ لاءِ S.W.A.T ٽيم پاران ڪيل مشقن جو پڻ مشاهدو ڪيو.