اھو علم ئي ڪھڙو جيڪو انقلاب نه آڻي!

0
60
اھو علم ئي ڪھڙو جيڪو انقلاب نه آڻي!

 اسان جي ملڪ ۾ علمي ڊگرين جو وڌندڙ تعداد ظاهري طور ته هڪ ھاڪاري ۽ تعميري ڪم لڳي ٿو، خاص طرح جڏهن ڳالهه پي ايڇ ڊي اسڪالرن جي ٿيندي آھي، پر سوال اھو آهي ته ڇا هي اعليٰ تعليم جا منصب اسان جي سماج ۾ گهرج آڌار تبديليءَ ۾ ڪو ڪردار ادا ڪري به رهيا آهن يا نه؟ ڇا پي ايڇ ڊي ڊگري رکندڙ اسڪالر رڳو تدريس يا سرڪاري نوڪرين جي حد تائين محدود رهجي ويا آهن، يا اُھي پنھنجي علمي کوجنائن ۽ فڪر ھٿان ھن ڏتڙيل معاشري اندر حقيقي تبديلي آڻڻ لاءِ ڪا جدوجھد به ڪري رهيا آهن؟

                 دنيا جي اسريل ملڪن ۾ ڏٺو اھو ويو آھي ته بين الاقوامي سطح تي، پي ايڇ ڊي ڊگريون رکندڙ اسڪالر رڳو يونيورسٽين جي عمارتن اندر پابند ناهن هوندا پر اُھي سرڪاري پاليسين جي جوڙجڪ ڪندڙ، صنعتي پراڊڪشنن ۾ نواڻ ۽ سماجي بھتريءَ لاءِ انيڪ ميدانن ۾ اهم ڪردار پڻ ادا ڪندي ملندا آهن. اوھان جيڪڏھن سرڪاري شفافيت وارين ويب سائيٽن کي ڏسندئو ته اوھان کي ملندو ته فِنلينڊ، ناروي، ۽ اسڪاٽلينڊ جھڙن ملڪن ۾ پي ايڇ ڊي اسڪالرن کي سرڪاري پاليسين ۾ شريڪ ڪيو ويندو آهي، سندن تحقيقون تعليمي، معاشي، ۽ سماجي نظامن جي بھتريءَ لاءِ استعمال ٿينديون آهن. مثال طور: فنلينڊ جي تعليمي پاليسين ۾ هر نئين تبديليءَ کان اڳ تدريسي محققن ۽ عالمن جي راءِ ورتي ويندي آهي ۽ سندن ڪيل تحقيقن کي بنياد بڻائي قانونسازي پڻ ڪئي ويندي آهي. اهڙيءَ طرح، آمريڪا جي يونيورسٽين جا پي ايڇ ڊي اسڪالر تحقيقي ادارن، ٽيڪنالاجيءَ سان لاڳاپيل ڪمپنين ۽ نون ڌنڌن طرف عوام کي آڻڻ لاءِ پنھنجا خيال نه رڳو ونڊيندا آھن پر حڪمت عمليون پڻ ترتيب ڏيندا آھن، جتي سندن ڄاڻ سڌو سنئون سماجي خدمت ۽ معاشي واڌ ويجهه لاءِ ڪم ايندي آھي. جرمنيءَ ۾ ته اھو ڏٺو ويو آھي ته تعيلمي ۽ صنعتي شعبن جي وچ ۾ رابطو ايترو ته مضبوط ھوندو آهي جو هر سال يونيورسٽين مان نڪرندڙ سوين پي ايڇ ڊي اسڪالر سڌيءَ ريت صنعتن ۾ شامل ٿي ويندا آھن.

پر جڏهن اسان پنھنجي ملڪ جي صورتحال تي نظر وجهون ٿا ته ھتي زميني حقيقتون ڪافي مختلف نظر اينديون آھن. پنھنجي ملڪ ۾ هر سال سوين پي ايڇ ڊي ڊگريون ملنديون آھن، جن جي گهڻائي اسان جي سرڪاري يونيورسٽين مان اعزازيل آھي. اوھان ڪڏھن سندن تحقيقن کي ڏسي پروڙ ڪريو ته انهن مان ڪيترن اسڪالرن جون تحقيقون سماجي، اقتصادي يا ثقافتي سطح تي ڪا تبديلي آڻڻ ڀَريون ھونديون آھن؟ سچ اھو آھي ته اسان جي ملڪ جي يونيورسٽين ۾ علمي تحقيق گهڻو ڪري رڳو ڊگري حاصل ڪرڻ تائين محدود رهجي وئي آھي. دنيا جي محققن جي ڀيٽ ۾ اسان وٽ ڇپجندڙ مقالن جو معيار، سندن مواد جي نرالائي ۽ تحقيق جي اصليت تي گهڻائي سوال اڀرندا آھن. ڪيترين ئي تحقيقن جو تعلق ته اسان جي عام مسئلن سان ھڪ ذري برابر به نه هوندو آهي، يا انهن ۾ سائنسي بنيادن تي پيش ٿيندڙ مسئلن جا حل تجويز ئي ڪيل نه ھوندا آهن. ان کان وڌيڪ وري ڏکائيندڙ ڳالهه اها به ملندي آھي ته مٿين تحقيقن ۾ جيڪڏھن ڪا ڪم جي تحقيق سامهون ايندي به آھي ته اسان جون حڪومتون يا پبلڪ ادارا انهن تحقيقن مان فائدو وٺڻ جي ڪا ذري برابر به شعوري ڪوشش نه ڪندا آهن.

اسان جي ملڪ جُون تعليمي اڪيڊميون ۽ يونيورسٽيون اڪثر ڪري “علمي ٻيٽن” جيان بڻجي ويون آهن، جتي ٿيندڙ تحقيقون، ۽ انهن تحقيقن تي ٿيندڙ وري ٻيون تحقيقون ڪٻٽن جي اندر ئي اندر ڦاٿيون پيون ھونديون آهن. جيڪڏھن انهن کوجنائن ۾ واقعي به ڪو عملي ڪارج ھوندو به آھي ته ان فڪر، سوال، يا تحقيقي جوھر جو عام ماڻھن جي زندگيءَ سان ڪو سڌو تعلق ڳولي نه لڀندو آھي. لڳندو ائين آھي ته هڪ طرف اسڪالر پاڻ کي صرف تعليمي ۽ تدريسي ادارن تائين محدود رکن ٿا ته ٻئي طرف ادارن ۽ حڪومتي ڍانچن وٽ به اهڙي ڪا واضح پاليسي موجود ناھي ھوندي، جنھن مان اسان وٽ پي ايڇ ڊي اسڪالرن جي علم مان فائدو وٺي سگهجي. مثال طور، تازو پاڻ وٽ سنڌ اندر پاڻيءَ جي کوٽ بابت ھر پاسي رڙ لڳي پئي آھي ته ڇا اسان جي تعليمي ۽ تدريسي ادارن اندر ڪا سائنسي بنياد تي اھڙي تحقيق ۾ ڪنھن اسڪالر ھٿ وڌو آھي ته ھن خراب ترين صورتحال ۾ ڇا ڪري سگهجي ٿو؟ ڇا اھي اسڪالر ڪي اھڙيون سفارشون حڪومتن کي ڏيڻ ڀرا آھن ته اوھان ھي جيڪو ڪجهه ڪري رھيا آھيو، ان جا ڪھڙا نتيجا نڪرندا ۽ درحقيقت ڪرڻ ڇا گهرجي؟

جڏھن مٿين صورتحال ھُجي ته ان جو نتيجو اهو نڪرندو آهي ته پي ايڇ ڊي اسڪالرن جو وڏو ڳاڻيٽو سياسي، سماجي ۽ معاشرتي تبديلين لاءِ ڪنھن به اڳڀرائيءَ کان محروم رهي ٿو. علم، جيڪو دنيا ۾ حقيقي طاقت ۽ سماجي تبديلين جو سڀ کان وڏو وسيلو ھوندو آهي، اهو اسان وٽ رڳو اسڪالرن جي سندن نوڪرين جي ضمانت بڻجي ويو آهي. انهن جي تحقيقن مان نه نوان ادارا جنم وٺن ٿا، نه ئي وري ڪي نوان نظريا يا وري ڪي فڪري انقلاب نسري سگهن ٿا.

غور ڪري خود تحقيق ڪجي ته ملڪ اندر پي ايڇ ڊي اسڪالرن جي عملي طور ان سماجي ڪارج واريءَ وٿيءَ جا ڪيترائي سبب پڻ آهن. پھريون ته سندن انهن تحقيقن لاءِ جيڪي سماج ۾ واقعي به تبديليون آڻي سگهن، تن لاءِ سندن تدريسي ادارن وٽ گهرج آھر فنڊنگ جي کوٽ به آهي، جنھن جي ڪري اسڪالر مالي طور پاڻ کي پورو ڪرڻ لاءِ ئي رڳو رسمي تحقيقن تائين محدود رهجي وڃن ٿا. ٻيو، حڪومت ۽ اڪيڊميا وچ ۾ باضابطي نموني سان لازمي رابطا به موجود ناهن، جنھن جي ڪري جديد پاليسين جي جوڙجڪ ۾ علمي ماڻهن جي راءِ شامل نه ٿي ٿئي. ٽيون، تعليمي ادارا پاڻ به تحقيقن کي صرف تدريسي سرگرمين تائين محدود رکن ٿا، جنھن سبب تحقيق لاءِ سازگار ماحول فراهم ڪرڻ بجاءِ تدريسي ادارن جي انتظامي رڪاوٽن ۾ اسڪالرن کي ھروڀرو اينگهايو وڃي ٿو.

هتي اهو به ضرور ڄاڻڻ گهرجي ته ڪجهه پي ايڇ ڊي اسڪالر پنھنجي سنڌ ۾ اهڙا به آهن، جيڪي پنھنجي تحقيق کي شعوري طور سماجي بھتريءَ لاءِ استعمال ڪري به رهيا آهن. ڪجهه محقق سنڌي ٻوليءَ ۽ ادبي ڪمن بابت انتھائي اهم ڪردار ادا ڪري به رهيا آهن. پر انهن جون ڪوششون ادارتي سھائتا جي کوٽ ڪري وڏي سطح تي سماج تي اثرانداز نه پيون ٿين. ساڳي وقت اسان وٽ وري ڪجهه اسڪالر پنھنجا تحقيقي مضمون بين الاقوامي جرنلن ۾ ڇپائين ٿا، جيڪي عام سنڌي پڙهندڙن جي ھٿن کان ٻاهر ٿيو وڃن. سائنسي بنيادن تي تحقيقي کوجنائن جي اها پرک پڻ ضروري آهي ته جيڪڏهن ڪا تحقيق عام ماڻهوءَ تائين نه پھچي يا اھو ان مان مستفيد نه ٿي سگهي ته پوءِ ان جو سماجي اثر ڪھڙي ماپي سان ٿيندو؟

مٿين سڄي اپٽار سامهون رکندي اھو بيحد ضروري آهي ته اسان جون حڪومتون، تعليمي ادارا ۽ اسڪالر، اھي ٽيئي پنھنجي ذميواري نئين سري سان محسوس ڪن. حڪومت کي گهرجي ته سرڪاري پاليسين جي جوڙجڪ ۾ پي ايڇ ڊي اسڪالرن جي رهنمائي ورتي وڃي، خاص طور تي تعليم، ماحول، معاشيات، صحت، ۽ ڳوٺاڻي ترقيءَ جھڙن شعبن ۾ ته لازمي طور اسڪالرن کي شامل ڪيو وڃي. اسان جي يونيورسٽين کي گهرجي ته پنھنجي ماحول ۾ ٿيندڙ تحقيقن جي معيار، اصليت ۽ گهرج آھر نواڻ لاءِ چٽا معيار مقرر ڪن ۽ انهن تحقيقن کي علمي سيمينارن، ڪانفرنسن، ۽ اشاعتن ذريعي عوام تائين پھچائين. اسڪالرن کي گهرجي ته پاڻ به علم کي عوامي بڻائڻ لاءِ نوان طريقا اختيار ڪن ته جيئن نه رڳو عام لوڪ فھميءَ واري انداز ۾ سندن ليک شايع ٿين پر سماجي رابطن جي ويب سائيٽن کان ويندي بلاگن ذريعي سندن علمي کوجنائن کي پکيڙ ملي سگهي. ان عمل سان سندن تحقيقون انفارميشن ٽيڪنالاجيءَ جي جديد نموني يعني مصنوعي ذھانت جا سرشتا به سندن تحقيقن کي پنھنجي ماڊلن ۾ استعمال ڪري سگهن.

ڳالهه کي سولو ڪجي ته علم کي بند ڪتابن جي دنيا مان ڪڍي عملي شعور جي ميدان ۾ آڻڻ ئي پي ايڇ ڊي جي حقيقي وقار کي قائم رکي سگهي ٿو. پاڻ جي سنڌ جھڙي خطي، جيڪو تاريخ، فڪر، ۽ ثقافت جي لحاظ کان مالامال آهي، ان لاءِ علم جا دڳ مختصر هجڻ، يا سائنسي بنياد تي لوڪ کي نه سلهاڙڻ نھايت ڏکارو عمل آهي. جيڪڏهن پي ايڇ ڊي اسڪالرن، جن وٽ اعليٰ تعليم، ماهراڻا تجزيا ۽ سماج کي جدت ۾ آڻڻ جي صلاحيت آهي، ان ھوندي به جيڪڏھن اهي پاڻ کي صرف هڪ نام نھاد تدريسي گُنديءَ ۾ واڙيل رکن ته پوءِ ياد رکجو ھتي انقلاب ڪڏهن به نه ايندو. علم کي انقلاب جو ذريعو بڻائڻ لاءِ پي ايڇ ڊي ڊگري رکندڙن کي اڪيڊيميا جي ڪوٽن کان ٻاهر نڪري سماجي ميدان ۾ بيھڻو پوندو. ياد رکو! گهڻ رُخو انقلاب علم سان ئي اچي سگهي ٿو، بس شرط اهو آهي ته اهو علم عام ماڻهن تائين پھچي سگهي، جيڪو سندن زندگيون آسان بڻائي سگهي ۽ انقلاب لاءِ راھون ھموار ڪري سگهي.