ڊاڪٽر پرويز پيرزادي ۾ سڀ کان وڏي خوبي اھا ھئي ته ھو ھر انسان سان محبت ڪندو ھو. ڪو به ماڻھو جڏھن کيس ڪو ڪم چوندو ھو يا پنھنجي ڪنھن مشڪل يا خواھش جو اظھار ڪندو ھو ته پرويز جي پوري ڪوشش ھوندي ھئي ته سندس مسئلو حل ڪري سگھي. انسان ڪنھن مسئلي کي حل ڪرڻ چاھيندو آھي تہ ڪوششن سان ڪاميابي ماڻي ئي وٺندو آھي سو پرويز بہ گھڻي ڀاڱي انھن جو مسئلو حل ڪرائي وٺندو ھو. ڪو ماڻھو رھائش گھرندو ته ٻئي ڪنھن دوست کي چوندو ته ڪجھ ڏينھن ان کي پاڻ سان رھايو. ڪو في پيارڻ لاءِ پئسا گھرندو ته دوستن کي چوندو ته اڌ مان ٿو ڏيان اڌ توھان ڏيندو؟ ڪو نوڪري گھرندو ته ادارن ڏي سندس سي وي موڪلي پارت ڪري ڇڏيندو. ڪو بيمار ھوندو ته ڊاڪٽرن کي عرض ڪندو ته ھن جي ڪا مدد ڪري سگھندو؟ ايئن ھو ھر ڪنھن جي ڪم ايندي ايندي سڄي سماج جو مسيحائي سھارو بڻجي چڪو ھو.
شايد ان لاءِ ئي پرويز سوشل نيٽورڪنگ کي گھڻي اھميت ڏيندو ھو. جڏھن ڪنھن جي بہ سالگرهه ھوندي ھئي ته پرويز جي پوري ڪوشش ھوندي ھئي ته ڪنھن بہ طرح پھچي سالگرھ جو ڪيڪ ڪٽي ۽ کيس مبارڪ ڏئي. جڏھن بہ ڪو سڏ يا دعوت ڏيندو ھيس ته ان وٽ پوري ڪوشش ڪندو ھيو ته پھچجي. ھڪ ڀيرو اسان ٻلھڙيجي مان ڪراچيءَ پئي وياسين ته پرويز چيو منھنجي ھڪ دوست جي شادي آھي سيوھڻ ۾، پوءِ ڇو نہ رستي ۾ ان دوست جي شادي به اٽينڊ ڪندا ھلئون؟ ايئن اسان ان دوست جي شادي اٽينڊ ڪئي ۽ پرويز جي غير متوقع شموليت کين تمام گھڻو خوش ڪري وڌو. ايئن ھو خوشيون ورھائڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪندو ھو. پرويز جي ٻي وڏي خوبي اھا ھوندي ھئي جو جڏھن ڪو بحث ٿيندو ھو ۽ ٻه مختلف رايا ايندا ھئا ته پرويز ٻنھي جي وچ واري راھ وٺڻ جي ڪوشش ڪندو ھو جيئن ٻنھي جي راين تي عمل ٿي سگھي. اھڙيءَ ريت ھو بحث کي حل طرف وٺي وڃڻ ۾ ڪامياب ٿي ويندو ھو. پرويز سڀني جو احترام ڪندو ھو، سڀني کي پنھنجو سمجھندو ھو ۽ سڀني کي ساڻ کڻي ھلندو ھو.
پرويز ماڻھن کي جوڙيندڙ شخص ھو. پرويز جا سڀئي دوست اھوئي چئي رھيا آھن ته اسان سڀني کي پرويز ئي ملائيندو ھو. ڪنھن دوست وٽ ويندو ھو ته ٻين سڀني کي بہ دعوت ڏيندو ھو ته وقت ھجي تہ شامل ٿيو. پرويز جي ڪمپني انتھائي موھيندڙ ھئي ڇو ته ھو ھر ڪنھن جو خيال رکندو ھو. پرويز سان اسان الائي ته ڪيترا ٽوئر ڪيا آھن. انھن سفرن ۾ ڪراچي ھجي يا ٻلهڙيجي مطلب سڄي سنڌ شامل ھئي ۽ نہ فقط سنڌ پر پرويز اسان دوستن کي ملائيشيا، ٿائيلينڊ ۽ دبئي جھڙا عالمي ٽوئر به ڪرايا. جڏھن مان آسٽريا ۾ پي ايڇ ڊي پيو ڪريان، ان وقت پرويز انگلينڊ ۾ ماسٽرس ڪرڻ آيو ھو. مان پڇيومانس ويانا اچي سگھين ٿو؟ ۽ ھن ڪوششون شروع ڪري ڏنيون. اميگريشن وارن چيس ته اوھان کي ايئر ٽڪيٽ به ايپليڪيشن سان گڏ موڪلڻي پوندي پر ويزا ملڻ جي ڪا پڪ ناھي. ان صورت ۾ ٽڪيٽ ضايع ٿي ويندي. پرويز پوءِ به اپلائي ڪيو ۽ خوشقسمتيءَ سان ويزا ملي ويس ۽ مون وٽ ويانا به پھچي ويو!
پرويز جيترا دنيا جا ملڪ گھميا آھن تمام گھٽ سنڌين گھميا ھوندا. اسان کيس اڪثر چوندا ھئاسين ته تون ته بھترين سفرناما لکي سگھين ٿو. ھو چوندو ھو مان انگريزيءَ ۾ ته لکيا آھن اھي ڪير ترجمو ڪري ته ڇپرائي سگھجن ٿا. ھن فيس بڪ تي ماءِ ٽريول ڊائريز نالي پيج ان ئي مقصد لاءِ ٺاھيو ھو. پرويز کي آرام ئي سفر ۾ ملندو ھو.
اسان پئي چيو ته انور پيرزادو اڪيڊمي پاران ڪتاب ڇپرايون ته ٿا پر انھن کي ماڻھن تائين ڪيئن پهچايون. پوءِ پرويز ان معاملي ۾ اسان جي ايئن مدد ڪئي جو انور پيرزادو اڪيڊمي جي ھر ڪتاب جون ڏھ ڪاپيون خريد ڪري دوستن کي گفٽ ڪرڻ شروع ڪيون. ھو چوندو ھو اجايو جو ڪو ٻيو گفٽ ڏجي تنھن کان ڪتاب جھڙو بھترين تحفو ڇو نہ ڏجي.گھڻا ماڻھو غريبن، ميرن يا جن مان ڌپ ايندي ھجي اھڙن ماڻھن کان پري ڀڄندا آھن يا انھن سان ويجھا نہ ٿيندا آھن پر پرويز کي اھڙا ماڻھو ڏاڍا وڻندا ھئا. انھن کي پاڻ وٽ سڏيندو ھو، ساڻن ويھڻ ۽ ڪچھريون ڪرڻ ۾ کيس مزو ايندو ھو. جڏھن به ڳوٺ ويندو ھو، ڪار ۾ ڪاپين جو کوکو ھٿ ڪري ٻارن ۾ ورھائيندو ھو. پرويز جي شايد اھا خوشنصيبي به ھئي جو ھن کي پنھنجي طبيعت مطابق ئي شعبو ۽ نوڪري ملي. ھو گھمڻ ڦرڻ جو شوقين ھوندو ھو ۽ سوشل ورڪ ڪرڻ ۾ دلچسپي رکندو ھو. سو اھي ٻئي ڪم سندس مشغلا به ھئا ته ڊيوٽي به. ڪنھن ھڪ ماڻھوءَ کي ئي روزگار سان لڳرائڻ وڏي ڳالھ ھوندي آھي پر پرويز سون جي تعداد ۾ ماڻھن کي روزگار سان لڳرايو، جيڪي کيس اڄ تائين دعائون ڏيندا رھندا آھن.اسان وٽ عام طور تي سوشل ورڪرن ۾ ٻہ بيماريون ٿينديون آھن يا تہ فقط پنھنجن کي نوازيندا آھن يا ڪرپٽ ھوندا آھن پر پرويز ۾ اھي ٻئي خاميون نہ ھيون. ھڪ سٺي سوشل ورڪر ۾ جيڪي بہ خوبيون ھجڻ گھرجن، سي پرويز ۾ موجود ھيون. ھو نہ تہ زبان جو تکو ھو، نہ ڪا وڏائي ھيس، نہ ئي ڪوڙو ھو، تنھنڪري پرويز ھڪ سچو سوشل ورڪر ھو. پرويز ٻلھڙيجي کي ڪيترائي ترقياتي پروجيڪٽس وٺي ڏنا.
پرويز آسٽريليا جي شھر سڊني مان ايجوڪيشن جي شعبي ۾ پي ايڇ ڊي ڪرڻ کان اڳ ٽي ماسٽرس ڪري چڪو ھو جيڪي خيرپور، ٿائيلينڊ ۽ انگلينڊ مان ڪيل ھيس. ٽن ماسٽرس ڪرڻ کانپوءِ جڏھن ھن پي ايڇ ڊي ڪرڻ جو ارادو ڪيو. ان وقت پرويز يو ايس ايڊ ۾ سٺي جاب ڪري رھيو ھو. اسان عجب ۾ پئجي وياسين ته ايڏي سٺي جاب ڇڏي سو به اٺيتاليھن ورھين جي عمر ۾ پي ايڇ ڊي ڪرڻ ڇو ٿو وڃي. پر ھو پلاننگ ڪرڻ جو ماھر ھوندو ھيو. ھميشه اڳتي ڏسندو ھو.
ھڪ اھم خاصيت مان پرويز مان سکي جيڪا مان نوجوانن کي مثال ڏئي سمجھائيندو به رھيس ته پرويز بھتر نوڪريءَ جي تلاش ۾ سدائين رھندو ھو. ڀلي ڪھڙي به نوڪري ڪندو ھجي ان کان سٺي نوڪريءَ جي تلاش ھميشه ڪندو رھيو ۽ ان طريقي سان بھتر کان بھتر نوڪريون حاصل ڪندو رھيو. اھا ته خبر ھئي ته پرويز بھترين سوچ جو مالڪ آھي، ھن انتھائي منفي دور ۾ انتھائي مثبت انسان آھي، ھو سڀني جي ڀلائيءَ لاءِ سوچيندڙ انسان آھي پر ان باوجود ھن جي گذاري وڃڻ کانپوءِ جيڪي تفصيل سامھون آيا آھن تن وڌيڪ حيرت ۾ وجھي ڇڏيو آھي ته ھن جي سماجي ڀلائيءَ جي ڪمن جو دائرو ڪيڏو تہ وڏو ھو، ھن جو سوشل نيٽورڪ ڪيڏو وسيع ھو ۽ ڪيترا ماڻھو سندس احسانمند ھئا. شايد ان جو سبب اھو آھي جو اسان گذاري وڃڻ کانپوءِ ان شخص بابت گھڻو سوچيون ٿا ۽ گھڻيون ڳالھيون ٿيون سامھون اچن جيڪي ھن جي شخصيت کي سمجھڻ ۾ وڌيڪ مدد ڏين ٿيون. ايئن ٿو لڳي ڄڻ پرويز جي لڪل شخصيت ھاڻي سنڌ ۾ نروار ٿي سامھون آئي آھي.
اڪثر جڏھن مان دوستن کي ڪا آئيڊيا ڏيندو ھيس تہ ٻيا پيا اگر مگر ڪندا ھئا. پر پرويز ان پروجيڪٽ تي ڪم ڪرڻ لاءِ فوري طور راضي ٿي ويندو ھو، جنھنڪري اھو پروجيڪٽ ممڪن ٿي پوندو ھو. پرويز منھنجي زندگيءَ جو بھترين ۽ شايد اڪيلو ئي دوست ھيو جيڪو مونکي ويتر اڪيلو ڪري ويو آھي. پرويز جو ڏک فقط ھڪ فئملي، خاندان يا ڳوٺ جو ناھي پر اھو سڄي سماج جو ڏک آھي.