اڻ لکيل ڪتاب جو باب

0
74
اڻ چيل ۽ اڻ ٻڌل المناڪ ڪهاڻيون

 ڪراچي پريس ڪلب جي باغيچي ۾ ويهي جيڪڏهن اوهان هيڏانهن هوڏانهن ڏسندئو ته هر پاسي اوچيون عمارتون نظر اينديون،انهن ۾ تازو ئي تعمير ٿيل سنڌ اسيمبلي جي ميمبرن جي هاسٽل به شامل آهي. جنهن ۾ نيب گذريل ڏينهن ۾ ڪرپشن ڳولي رهي هئي.پر انهي جي پراڻي عمارت ڪيترين ڪهاڻين کي جنم ڏنو جن ۾ هڪ ڪهاڻي اسان جي به آهي. پريس ڪلب ايندي انهي رستي تان گذرڻ ٿيندو آهي ته اهي سمورا منظر اکين آڏو اچي ويندا اهن.“صبح جو وقت آهي ايم اي جناح روڊ سان هڪ عورت ڏهن يارنهن سالن جي ٻار کي گڏ وٺي پنڌ اچي رهي آهي، انهي جي منزل ايم پي اي هاسٽل آهي جتي ٻاهر موجود سيمينٽ جي بئنچن تي ماڻهو هٿن ۾ درخواست کنيون ويٺا آهن.”

   اهي ٻئي به اتي ئي ويهي ٿا رهن. ڏهين وڳي جي ويجهو لوهي ڪارو دروازو کلي ٿو،۽ هڪ خاڪي لباس ۾ آفيسر ڇڙي سان گڏ درخواستون وٺڻ شروع ڪري ٿو ۽ پڙهي ۽ درخواست گذار جي ڳالهه ٻڌي اها درخواست اردلي جي حوالي ڪري ٿو ڇڏي.ايئن هو هلندي هلندي انهي ماءُ پٽ وٽ پهچي وڃي ٿو ۽ درخواست وٺي پڙهڻ شروع ڪري ٿو ۽ اها عورت جڏهن مڙس جي آزادي جي درخواست ڪري ٿي ته هن جي چهري جا تيور بدلجي وڃن ٿا ۽ هو رکي لهجي ۾ جواب ڏئي ٿو اهو ته غدار آهي.

ٻار حيران اکين سان ڏسي ٿو ڇو ته هن مير جعفر ۽ مير صادق جهڙن ماڻهن جي باري ۾ نصاب ۾ پڙهيو هو جن پنهنجي وطن سان غداري ڪئي هئي ته هن جو والد ڪيئن غدار ٿيو.؟ هي عورت ڪجهه دير خاموش ٿي ۽ پوءِ درخواست واپس وٺي چئي ٿي ته هو غدار ناهي بلڪه هن ملڪ جي غريب ۽ پيڙهيل ماڻهن جي لاءِ جدوجهد ڪري رهيو آهي.اها عورت منهنجي والده ڪلثوم هئي ۽ ٻار مان، ۽ غداري جو الزام منهنجي والد سهيل سانگي تي لڳو هو، جنهن جو تعلق ڪميونسٽ پارٽي آف پاڪستان سان هو.  هن جو ڪيس فوجي عدالت ۾ هلايو ويو هو جيڪو ڪميونسٽ سازش ڪيس عام طور ڄام ساقي ڪيس جي نالي سان مشهور ٿيو هو.هونئن ته منهنجي ماءُ هڪ عام گهريلو عورت هئي پر مڙس جي گرفتاري کانپوءِ هو سياسي بصيرت ۽ عورتن جي حقن سان روشناس ٿي ۽ انجمن ترقي پسند خواتين جي ميمبر به رهي.

هاڻوڪي وقت ۾ ڪميونسٽ يا کاٻي ڌر جو هجڻ هڪ ٽرينڊ يا فيشن به آهي هاڻي سوچيو جڏهن گوگل نه هو، پڙهيل لکيل ماڻهن جي شرح به محدود هئي، ڪميونسٽ هجڻ جي تشريح رڳو مذهبي جماعتون يا انهي وقت جون فوجي آمريتون ڪنديون هيون.انهن جي سياسي سماجي ۽ معاشي نظريئي کي ڇڏي ڪري انهن لاءِ ڪميونسٽ جو مطلب رڳو ملحد هوندو هو.منهنجو والد سهيل سانگي جولاءِ 1980ع ۾ ڪراچي ۾ روزاني اسٽار ۾ ڪم ڪرڻ آيو هو پر پاڪستان چوڪ تان کيس کنڀيو ويو. هاڻي مونکي اها خبر ناهي ته جڏهن وائيٽ ڪرولا ۽ ڪارن شيشن واري ويگو نه هئي ته اهو فرض ڪيئن ادا ڪيو ويندو هو  تڏهن به مونکي اهي لفظ اڃا به ياد آهن جيڪي بابا امان کي اسان جي پهرين ملاقات ۾ ٻڌايا هئا ته انهن اهو چئي گرفتار ڪيو ته “اڙي صاحب اسان توهان کي آسمان تي پئي ڳوليو اوهان زمين تي ملي ويا”

جيئن اوهان اڄڪلهه جبري طور گم ڪيل ماڻهن جي باري ۾ ٻڌو ٿا ايئن ئي اسان به والد جي گمشدگي کان اڻڄاڻ هئاسين ته بي بي سي اردو جي صبح جي ڇهين وڳي واري خبرنامي “جهان نما” ۾ والد ۽ سندس ساٿين جي گرفتاري جي خبر آئي جيڪا ٻڌي امان حيران ۽ پريشان ٿي وئي ۽ ڳوڙها پوتي سان صاف ڪندي رهي پر هن اسان کي اسڪول وڃڻ لاءِ چيو.ڪورونا جي شروعاتي ڏينهن ۾ جيئن ماڻهو احتياط ڪندا هئا ته کين وائرس نه لڳي وڃي بابا ۽ ان جهڙن رياست مخالف ڪيسن کي منهن ڏيندڙ خاندانن سان مٽن مائٽن ۽ دوستن جو رويو به اهڙو ئي هوندو هوته جيئن هو پڪڙ ۾ نه اچن.

سماجي معاشي طور اوهان اڪيلائي جو شڪار ٿي ويندا آهيو جيڪي گڏ هوندا آهن اهي به اچي نصيحت ڀريا ليڪچر ڏيندا هئا جن مان هڪ جملو اڄ به ياد آهي ته هڪ ويجهي مائٽياڻي امان کي چيو هو ته تون دين کان پري ٿي وئي آهين اها الله جي ناراضگي آهي.هڪ ڏينهن اسان کي خبر پئي ته ڪراچي وڃڻو آهي. بابا سان ملاقات جو امڪان آهي.60 جي رفتار سان هلندڙ بس ۾ سوار ٿي سپرهاءِ وي کان ڪراچي پهتاسين.بابا جو سئوٽ سڪندر تين هٽي تي اسان کي وٺڻ لاءِ موجود هو آخرڪار اتي پهتاسين ۽ ملير ۾ هن جي رهائشگاهه هلياوياسين.ٻئي ڏينهن صبح سوير سينٽرل جيل اچي وياسين .مرڪزي دروازي جي سڄي پاسي انهن ڏينهن ۾ هڪ انتظار گاهه هئي جتي هي سڀ ڪامريڊ هٿن ۾ هٿڪڙيون لڳل خوش باش نظر اچي رهيا هئا انهن ۾ بابا به موجود هو.

انهي حال ۾ ڏسي  ڪارو برقعو پاتل امان جي دل ڀڃي پئي ۽ اسان مايوس ۽ اداس، ته هي ڇا منظر آهي پر اها خوشي ضرور هئي ته کيس ظاهر ته ڪيو ويو هو.هاڻي وارو هو ٽرائيل جو اهو به فوجي عدالت ۾. جڏهن اهي سياسي قيدي عدالت ۾ ٽرائيل کي منهن ڏئي رهيا هوندا آهن ته انهن جا ٻار ٻچا معاشري ۾ هڪ ٻئي ٽرائيل کي منهن ڏئي رهيا هوندا آهن جنهن جي سزا معاشي ۽ سماجي تنگدستي هوندي آهي. منهنجو والد هڪ هاري جو پٽ اهو به ڏڪار سٽيل علائقي ٿر جو رهواسي،جنهن جي ٻن وڏن ڀائرن جي تعليم اڌ ۾ روڪي اهو سوچي وڌيڪ تعليم لاءِ هن کي حيدرآباد موڪليو ويو ته هي ذهين آهي ،جڏهن ته ساهورا به روز ڪمائڻ ۽ روز کائڻ وارا. اهڙي صورتحال ۾ انهن سميت اسان چئن ڀيڻ ڀائرن جي ضرورت ۽ بورچي خانو ڪيئن هلي.؟

وومين امپاورمينٽ جي پراڻي ٿيوري تحت امان سلائي شروع ڪرڻ جو فيصلو ڪيو هن وٽ ڪل اثاثو صرف سون جون ٻه واليون هيون جيڪي هو وڪرو ڪري سنگر جي آٽو ميٽڪ مشين وٺي آئي جيڪا سلائي سان گڏ ڀرت به ڀريندي هئي.

اسان جي گهر ۾ ڪيترائي ڪتاب موجود هوندا هئا، خدشو هو ته ڇاپو لڳي سگهي ٿو انهن ۾ڪهڙو سياسي لٽريچر هو، ڪهڙو فڪشن يا رڪارڊ، بس ڳنڍون ٻڌي ٻڌي رات جو ڪجهه حيدرآباد جي ڦليلي ۾ اڇلائي ڇڏيا ۽ ڪجهه فردوس ڪالوني ۾ ماسي وارن جي واڙي ۾ سڙي رک ڪري ڇڏيا، روز اهو ئي ڊپ هوندو هو ته اڄ نه ته سڀاڻي ڇاپو ضرور لڳندو. (حصو پهريون)