جتي انسانن جِي هڪ ٻئي تي انحصاري، سندن تهذيب، اخلاقيات ۽ سماجي قانون اسان جي زندگيءَ کي مختلف دريافتن، ايجادن سان آسان ۽ پُر آسائش بڻايو آهي، اتي اسان منجهان ئي ناڪاري ۽ ڪارين رڍن جي مفاد پرست ٽولي ۾ شامل شيطان صفت انسانن پنهنجن حِرفتن ۽ هٿڪنڊن وسيلي هر سماج ۾ عوام لاءِ آزار، تباهي، تنزلي ۽ مصيبتن جا پهاڙ پڻ کڙا ڪيا آهن. ٽئين دنيا جي بدعنوان ملڪن ۾ (پاڪستان سميت) حڪومتي ۽ طاقتور ادارن اندر ويٺل ٽولي جي اڪثريت مفاد پرست ۽ بدعنوان ماڻهن تي مشتمل آهي، جيڪي رياست جي اهم ٿنڀن جي مسندن جي اعليٰ درجي تي براجمان افراد کي ضرورت آهر لٺ ۽ چٺ تحت يرغمال ڪري بدعنواني جو ٻج پوکيندا آهن، اُن جي آبياري ڪندا آهن ۽ عوام جي قيمت تي هر موسم ۾ پنهنجن مفادن جو فصل لُڻندا رهندا آهن. عام طور تي هر هڪ مادِي شئي، سماجي لقاءُ، انساني نظرئي، رويي ۽ عمل جا ڪافي سارا رنگ ۽ پاسا ظاهر ظهور هر ڪنهن کي نظر پيا ايندا آهن، پر ڪيترائي يا ڪجهه وري عام جي اکين کان اوجهل رهندا آهن. هن تناظر ۾ جيڪڏهن وڏي ۾ وڏي سماجي ڏوهه يعني قتل جي ڳالهه ڪجي ته قاتل يا ڏوهاري فقط اهو ناهي، جيڪو عام کي نظر يا پڪڙ ۾ اچي، پر هر اهو شخص قاتل ۽ ڏوهاري آهي، جنهن جي ناقص پاليسين، بدعنواني جي لِڪل نظرين، روين ۽ عملن سان عوام بظاهر ۽ ڀلِي تڪڙو ڪنهن به نقصان ۾ مبتلا ٿيندا نه هجن، پر اڳتي هلي انهن جا ناڪاري نظريا، رويا ۽ عمل نڌڻڪِي ۽ اٻوجهه عوام جي ڪروڙين ماڻهن جون زندگيون جهنم بڻائي ڇڏينديون آهن ۽ روزاني جي بنياد تي سوين ۽ هزارين بيگناهن جا ناقابلِ معافي خون ۽ ڏوهه سندن دامن کي داغدار پيا ڪندا آهن پر افسوس اهو آهي جو بجاءِ احساسِ جرم ۽ احساسِ ندامت جي، اهي اوترو ئي پاڻ کي بهتر سمجهڻ لڳن ٿا ۽ انهن جي چاپلوسيءَ ۾ اٻوجهه عوام به انهن ظالمن کي اوترو وڌيڪ عزت ڏيندي رهي ٿي.
هر ملڪ پنهنجي شهرين، جن ۾ هر جنس، پيشي ۽ عمر سان لاڳاپيل ماڻهو توڙي بيروزگارَ، فقيرَ، معذورَ ۽ بيمارَ شامل آهن، کان سندن پگهر جي پورهئي يعني ماهانه آمدني يا گذر سفر جي خرچ مان %20 کان %30 تائين سِڌن توڙي مختلف اڻ سڌن ٽيڪسن جي صورت ۾ اوڳاڙي ڪندو آهي ۽ ان کي يقيني بڻائيندو آهي. ٽيڪسن جي اها اوڳاڙي سڄي دنيا جي سڀني ملڪن ۾ ٿوري گهڻي فرق سان هڪ جهڙي آهي. ٻين لفظن ۾ جيترو ٽيڪس اسان جي ڏتڙيل عوام جي پگهر ۽ رت مان ولوڙي ڪڍيو وڃي ٿو، اوترو ئي ٽيڪس ترقي يافته ملڪن جي شهرين ۽ عوام کان وصول ڪيو وڃي ٿو. ياد رهي ته رياستون، بادشاهتون ۽ حڪومتون جنهن پيسي تي ڪُڏن ٿيون ۽ راڄ ڪن ٿيون، اهو سڀ جو سڀ هڪ نه ٻي صورت ۾ گھڻو تڻو پنهنجي شهرين ۽ ڪجهه حصو اتي رهندڙ ۽ ڪاروبار ڪندڙ غير ملڪي ادارن ۽ ماڻهن کان وصول ڪنديون آهن.
جن ملڪن جا ڏُور-رَس ۽ ويجها ملڪي نصب العين ۽ مقصد حقيقي ۽ چِٽا هوندا آهن. جتي رياستي ڪاروَنهوار کي هلائڻ جي مختلف طريقن جهڙوڪ، بادشاهت، آمريت، جمهوريت وغيره جا پنهنجا فائدا ۽ نقصان آهن، اتي مجموعي طرح سان ڪجهه کي ناڪاري ته ڪجهه کي هاڪاري تسليم ڪيو ٿو وڃي، جنهن ڪري انهن کي ٻين مٿان فوقيت حاصل آهي. ياد رهي ته نيت ۽ نظريو اسان انسانن کي عمل لاءِ تحريڪ ۽ ترغيب فراهم ڪندو آهي، ان ڪري جيڪڏهن حڪمرانيءَ جِي مسند تي ويٺلن جون نيتون ۽ نظريا صحيح هوندا، ته دير سوير انهن جا چار ئي رياستي ٿنڀا مضبوط ٿي ويندا؛ پر جتي نيت ۽ نظريو اجتمائي ۽ عوامي ڀلائي بدران ذاتي ۽ گروهي مفادن جي چوڌاري ڦرندڙ هوندو آهي، اتي فلاحي رياست جو تصور جُڙي نه سگهندو آهي. ابراهام لنڪن جِي جمهوريت بابت “عوام جِي ۽ عوام لاءِ عوام طرفان حڪومت” واري وصف هڪ فلاحي رياست جو سونهري ۽ سُونهون اصول پڻ آهي. پر هن ٽيون نمبر بدعنوان ملڪ ۾ حقِي يا ناحقي طريقي سان هڪ دفعو اسيمبليءَ ۾ چونڊجي اچڻ، انتظامي عهدو سنڀالڻ يا سڻڀي نوڪري هٿ ڪرڻ جي دير آهي، پوءِ مُروج بدعنواني جي ناڪاري لاڙي هيٺ عوامي وسيلن، عوامي دولت ۽ عوام جو اجتماعي استحصال ناگزير آهي (يقيناً پنج آڱريون برابر ناهن، پر جيڪڏهن اسان آمدني ۽ اثاثن جي هم آهنگي جي سادي اصول تي پرکينداسين ته ڪجهه کي ڇڏي اسان جي تقريباً سڀني جون جوڙيل ڪُل ملڪيتون يا اثاثا سندن ڪُل جائز آمدني جي وسيلن يعني پگهار ۽ ڪاروبار سان هم آهنگ نه هوندا)! اهڙن ماڻهن جي ئي بدعنوانين جي ڪري:
* اسان جي ترقياتي بجيٽ فقط ڪاغذن ۾ خرچ ٿيندي رهي ٿي يا وري اٽي ۾ لوڻ جيتري عوامي ڀلائي جي ڪمن ۽ ادارن ۾ خرچ ٿيندي رهي ٿي!
* اچڻ وڃن جي ٻِٽن روڊن نه هجڻ ڪري کڏن کوٻن واري هڪ ئي روڊ تي ٻنهي طرفن کان ايندڙ ويندڙ گاڏيون روزانو حادثن جو شڪار ٿينديون آهن، نتيجي ۾ سوين بي گناهه انسان موت جو کاڄ ٿيندا رهن ٿا، هزارين زخمي ٿيندا رهن ٿا، جن مان ڪيترائي باقي سڄي عمر لاءِ معذور ۽ اپاهج بڻجندا رهن ٿا!
* اسپتالن ۾ علاج لاءِ ايندڙ مريض مؤثر علاج ۽ طبي سهولتون نه هجڻ (ڊاڪٽر، پيراميڊيڪل اسٽاف ۽ صفائي سٺائي جو عملو نه هجڻ يا غير ذميوار هجڻ يا سندن رويو ٺيڪ نه هجڻ؛ تشخيصي اوزار، ڪيميڪلز ۽ ٽيسٽون نه هجڻ؛ دوائون نه هجڻ يا ٽيون نمبر نقلي هجڻ؛ گنجائش کان وڌيڪ مريضن جي اچڻ وغيره) جي ڪري اسپتالون مرندڙن کي زندگي بخشيندڙ ادارن بدران موتَ جا ڪوس گهر بڻيل آهن، نتيجي ۾ سوين قيمتي انساني جانيون روزانو ضايع ٿينديون رهن ٿيون!
* عوام جي تحفظ جا ادارا ۽ ٿاڻا عوام جي جان، مال ۽ آبرو کي تار تار ڪندڙ اڏا بڻجي چڪا آهن؛ اهي ادارا پنهنجا حق گهرندڙ بلوچستان توڙي سنڌ جي هزارين نوجوانن کي کنڀي گم ڪندا، تشدد ڪندا ۽ قتل ڪندا رهن ٿا!
* بچاءُ بندن جي مرمت جي خطير رقم فقط ڪاغذن ۾ خرچ ٿيندي آهي، نتيجي ۾بندن ٽُٽڻ سبب سيلابن جو پاڻي ڳوٺن ۽ شهرن ۾ ڪاهي پوڻ ڪري لکين بي گناهه ماڻهو در بدر ۽ بي گهر ٿيندا رهن ٿا، جن مان ڪيترائي اجل جو شڪار ٿيندا آهن!
* زندگي جي بنيادي سهولتن جهڙوڪ، پيئڻ جي صاف پاڻي، گندي پاڻي جي مناسب نيڪال، مڇرن جي خاتمي، بجلي ۽ گيس جي فراهمي، کاڌي جي عام شين ۽ پيٽرول وغيره جي قيمتن تي ضابطو رکڻ ۽ انهن کي عوام جي پهچ هيٺ رکڻ جي مد ۾ رکيل بجيٽ ۾ اربن ۽ کربن روپين جون گهوٻيون لڳنديون رهن ٿيون، نتيجي ۾ غريب عوام جي زندگي ڀوڳنائن ۽ پيڙائن جي علامت بڻجي چڪي آهي ۽ روز بروز خودڪُشين جي لاڙي ۾ واڌارو ٿيندو پيو وڃي!
* پيشه ورانه ڊگرين جي داخلائن ۽ نوڪرين جا امتحان وٺندڙ پبلڪ سروس ڪميشن ۽ لاڳاپيل ٻيا ادارا سندن مُهرا بڻيل آهن ۽ داخلائون ۽ سرڪاري نوڪريون ميرٽ بدران سفارش، رشوت ۽ سياسي وفادارين تحت نا اهلن ۽ اميرن کي وڪرو ٿي رهيون آهن؛ بلڪل دوڪان تي رکيل وکر جيان هر داخلا ۽ نوڪري جو اگهه مقرر ٿيل آهي، نتيجي ۾ بک، بيروزگاري ۽ بيماري ۾ ڪيترن ئي نوجوانن جي زندگين جا ڏيئا اجهامندا پيا وڃن!
* مقننه مخصوص غاصب حڪمران طبقي جي پسند جا قانون ٺاهيندو ۽ پاس ڪندو ٿو رهي؛ انتظاميه بدعنوان ۽ طاقتور طبقي جِي ڳيجهو بڻجي چڪي آهي؛ عدليه ۽ قانون ڪوريئڙي جو ڄار بڻيل آهن، ۽ ميڊيا حڪمرانن وٽ وڪامجي انهن جي بيانيي کي سچائي طور پکيڙي رهِي آهي. نتيجي ۾ بي گناهه ۽ اٻوجهه عوام جو ڪيترن ئي ڏهاڪن کان مسلسل ڪوس ٿي رهيو آهي، جنهن جو ڪو به داد ۽ فرياد ڪونهي.
ڳالهه جو ڳر ۽ حاصل مطلب اهو آهي ته اسان جي پياري ملڪ ۾ روزاني جي بنياد تي اسان جا بي يار و مددگار غريب ماروئڙا ڏڪار، بدامني، بيمارين، حادثن ۽ خودڪشين جي صورت ۾ هزارن جي تعداد ۾ مري رهيا آهن. اٻوجهه عوام جو اهو اجتماعي ڪوس ۽ اهي هزارين فوتگيون ڪو لکئي جو ليک ۽ خدا جي مرضي نه آهي، پر اُن ڪوس ۽ انهن اڻسڌن قتلن جا پيرا اسان جي اصل حڪمرانن جي بدعنواني تي ٻڌل ناقص ۽ غلط پاليسين ۽ بدعنواني ۾ سندن ٻٽ بڻيل چونڊيل نمائندن، آفيسرن ۽ سندن کاٽو پُٽ ملازمن ڏانهن وڃن ٿا!