اڳڙا(ن پ ا) اڳڙا ويجهو ٽيوب ويل جي مشين چوري ڪندي 2 چور سوگها، پوليس حولي، خبر موجب اڳڙا ويجهو ڳوٺ قائم الدين ڪلھوڙو ۾ نامعلوم چور زرعي زمين تان ٽيوب ويل جي ڊگو مشين چوري ڪندي پڪڙجي پيا، ڳوٺاڻن چورن کي ڪٽڪي بعد پوليس حوالي ڪري ڇڏيو، پوليس ٻڌايو ته نديم عباسي جي فرياد تي جوابدارن خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، فريادي ڄاڻايو آهي ته جوابدار شمن ڪلهوڙو، راهب ڪلهوڙو ۽ ٻيا ٽيوب ويل جو ڊگو مشين لاهي رهيا هئا ته موقعي تي پهچي ٻن جوابدرن کي پڪڙي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو، پوليس موجب ڪيس داخل ڪري واقعي جي وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.