اسلام آباد(اسپورٽس نيوز) پاڪستان وومين ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان ثنا مير جو وطن واپسي تي شاندار استقبال ڪيو ويو. ثنا مير انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل (آءِ سي سي) هال آف فيم ۾ شامل ٿيڻ کان پوءِ پاڪستان پهچي وئي آهي. وفاقي وزير انفارميشن ٽيڪنالاجي (آءِ ٽي) شزا فاطمه اسلام آباد ايئرپورٽ تي ثنا مير جو استقبال ڪيو. ثنا مير پهرين پاڪستاني عورت ڪرڪيٽر آهي جنهن کي آءِ سي سي هال آف فيم ۾ شامل ڪيو ويو آهي. ان موقعي تي شزا فاطمه خواجه چيو ته ثنا مير هڪ وڏو اعزاز حاصل ڪري ملڪ جو نالو روشن ڪيو آهي. هن وڌيڪ چيو ته پاڪستاني عورتن ۾ تمام گهڻي صلاحيت آهي ۽ جڏهن به عورتن کي موقعو ملندو آهي ته مثبت نتيجا نڪرندا آهن.