لاهور(اسپورٽس نيوز) آءِ سي سي وومينز ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ ڪواليفائرز لاءِ پاڪستان ۾ موجود اسڪاٽلينڊ وومين ڪرڪيٽ ٽيم ۾ پاڪستان جي اڳوڻي ٽيسٽ ڪرڪيٽر، مئنيجر ۽ سليڪٽر ڪرنل رٽائرڊ نوشاد جي ڏوهٽي مريم فيصل پڻ شامل آهي. اسڪاٽ لينڊ جي اسڪواڊ ۾ شامل 19 ورهين جي مريم فيصل هڪ ون ڊي ۽ ڇهه ٽي ٽوئنٽي ميچون کيڏي چڪي آهي. لاهور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي مريم فيصل ٻڌايو ته پنهنجي ناني جي ڪري هن ۽ سندس جاڙي ڀاءَ ڪرڪيٽ کيڏڻ شروع ڪئي. سندس چوڻ هو ته هوءَ ناني کي پيار مان بابا چوندي هئي، جنهن کي ڏاڍو اتساهيو ۽ سپورٽ ڪيو. مريم فيصل جو چوڻ هو ته شروع ۾ مون کي ڪرڪيٽ ٺپ نه وڻندي هئي. بابا دبئي ۾ سريلنڪا خلاف سيريز ۾ پاڪستان جو مئنيجر هو، اسان ميچ ڏسڻ ويا هئاسين ۽ اتان کان ڪرڪيٽ کيڏڻ جو شوق ٿيو. مريم فيصل موجب، هوءَ انڊر 19 ۾ ناڪام ٿي وئي هئي، بابا کيس اتساهيو، وري نئين سيزن ۾ سٺي ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪيو، بابا مون تي ۽ ڀاءُ تي ڪڏهن به ڪرڪيٽ کيڏڻ جو زور نه رکيو، سندس خواهش هئي ته اسان رڳو ڪا نه ڪا راند کيڏون. هن چيو ته پاڪستان ۾ اچي کيڏڻ سٺو لڳي رهيو آهي، هڪ مختلف احساس آهي، ڇو ته جنهن ملڪ ۾ توهان جو جڙون هونديون آهن اتي کيڏڻ هڪ خواب هوندوآهي، منهنجو خواب پورو ٿي رهيو آهي. هن چيو ته ٽيم ۾ سليڪٽ ٿيڻ تي خوش آهيان، پنهنجي طرفان ٽيم لاءِ سڀ کان بهتر پرفارمسن ڏيڻ جي ڪوشش ڪندي رهنديس. هن چيو ته ڪرڪيٽ منهنجو شوق آهي منزل ماڻڻ تي ڏاڍي خوشي ٿي رهي آهي.