پشاور (اسپورٽس نيوز) اڳوڻي ڪرڪيٽر عمر گل جو والد لاڏاڻو ڪري ويو آهي. عمر گل جي والد نادر خان جي جنازي نماز ڪالهه پشاور ۾ ادا ڪئي وئي پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي چيئرمين محسن نقوي عمر گل جي والد جي اڏاڻي تي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪندي ساڻس تعزيت و اظهار ڪيو آهي ۽ مرحوم جي مغفرت لاءِ دعائون گھريون آحن. هن ڏکويل خاندان سان همدردي جو اظهرا ڪندي کين صبر جي لاءِ دعا پڻ ڪئي. ياد رهي ته عمر گل 16 آڪٽوبر 2020 ۾ هر قسم جي ڪرڪيٽ تان رٽائرمينٽ جو اعلان ڪيو هو. هن پنهنجي ڪيريئر ۾ 47 ٽيسٽ ميچن، 130 ون ڊي ۽ 60 ٽي ٽوئنٽي ميچن ۾ پاڪستان جي نمائندگي ڪئي.