ڪوئيٽا / اسلام آباد (م ڊ) ڪوئيٽا جي اڳوڻي ڪمشنر افتخار جوگزئي جي ڌيءُ صائمه جوگزئي طرفان نجي ايئر لائن جي ايئر هوسٽس تي تشدد ڪيو ويو.ميڊيا رپورٽن موجب هي واقعو 18 مارچ تي ڪوئيٽا کان اسلام آباد ويندڙ سرين ايئر جي فلائيٽ ۾ پيش آيو، جتي اڳوڻو ڪمشنر افتخار جوگزئي پنهنجي ڌيءُ صائمه سان گڏ سفر ڪري رهيو هو ۽ ايئرپورٽ تي چيڪ ان دوران به ٻنهي عملي سان بدتميزي ڪئي. جهاز ۾ داخل ٿيڻ کانپوءِ فضائي عملو مسافرن کي سيٽ بيلٽ لڳائڻ ۽ ٻين هدايتن بابت آگاهه ڪري رهيو هو، جنهن دوران ايئر هوسٽس صائمه جوگزئي کي به سيٽ بيلٽ لڳائڻ ۽ کاڌي جي ٽيبل بند ڪرڻ لاءِ چيو، پر هوءَ ڪاوڙجي پئي. مبينا طور افتخار جوگزئي ۽ سندس ڌيءُ جهاز ۾ گوڙ ڪيو ۽ اڻ وڻندڙ ٻولي استعمال ڪئي.صورتحال خراب ٿيڻ تي فضائي ميزبان ڪپتان کي آگاهه ڪيو، جنهن ڪنٽرول ٽاور سان رابطو ڪري جهاز کي رن وي تان واپس آندو، ان دوران، ايئرپورٽ سيڪيورٽي فورس (اي ايس ايف) کي به طلب ڪيو ويو. مسلسل گوڙ سبب ڪپتان پيءُ ۽ ڌيءُ کي جهاز مان لاٿو، پر صائمه جوگزئي لهڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو.ان موقعي تي هن ڪاوڙ ۾ هڪ ايئر هوسٽس کي مُڪ وهائي ڪڍي جنهن سبب هوءَ زخمي ٿي پئي، سندس نڪ مان رت وهڻ لڳو ۽ هڪ ڏند به ٽُٽي پيو. ان کانپوءِ اي ايس ايف ٻنهي کي حراست ۾ ورتو.
اڳوڻي ڪمشنر جي ڌي نشي ۾ هئي: ايئرلائين ذريعا
ڪوئيٽا: ايئر لائن ذريعن موجب، صائمه جوگزئي مبينا طور نشي جي حالت ۾ هئي. ٻئي پاسي واقعو پيش اچڻ کانپوءِ بلوچستان انتظاميا معاملو لئي مٽي ڪرڻ جو دٻاءُ. وڌو پيو وڃي. ان سلسلي ۾ ڪمشنر ڪوئيٽا به ايئرپورٽ پهتو، اي ايس ايف کان صورتحال معلوم ڪري معاملو دٻائڻ لاءِ چيو.