ڪراچي(اسپورٽس نيوز) قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي فاسٽ بالر تنوير احمد چيو آهي ته اڳوڻي پي سي بي چيئرمين رميز راجا مونکي اهم عهدي جي آڇ ڪئي هئي. مشهور يوٽيوبر سان پوڊ ڪاسٽ تي ڳالهائيندي قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي فاسٽ بالر تنوير احمد چيو ته اڳوڻي چيئرمين رمز راجا هڪ ميٽنگ دوران مونکي بورڊ ۾ عهدي جي آڇ ڪئي هئي جنهن کي مان رد ڪري ڇڏيو هو. هن چيو ته آڇ رد ڪرڻ جو سبب اهو هو ته ڪرڪيٽ بورڊ ۾ ڪنهن کي ڪم ڪرڻ ناهي ڏنو ويندو، منهنجا ڪيترائي دوست پي سي بي ۾ ڪم ڪندا آهن پر منهنجو ڪوبه ارادو ناهي، اڳوڻي ڪرڪيٽر چيو ته سنيل گواسڪر، ناصر حسين جهڙا ڪيترائي اڳوڻا ڪرڪيٽر بورڊ ۾ ڪم ناهن ڪندا پر ٽي وي تي پنهنجو تجزيو ڏيندا آهن. تنوير احمد شاهد آفريدي بابت چيو ته مونکي خوشي آهي ته هن جلد سليڪٽر جو عهدو ڇڏي ڏنو، ڇو ته هن هميشه چيو ته اهو گراس روٽ ليول تي ڪم ڪرڻ چاهي ٿو.