ممبئي (اسپورٽس نيوز) اڳوڻي ڀارتي ڪپتان سنيل گواسڪر انگلينڊ ڪرڪيٽ بورڊ (اي سي بي) جي ’پٽوڊي ٽرافي‘ کي ريٽائر ڪرڻ جي فيصلي تي سخت تنقيد ڪئي آهي. اسپورٽس اسٽار لاءِ پنهنجي ڪالم ۾، سنيل گواسڪر اي سي بي تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي لکيو ته پٽودي ٽرافي (جيڪا انگلينڊ بمقابله ڀارت ٽيسٽ سيريز جي فاتح کي ڏني ويندي آهي) کي ريٽائر ڪرڻ جي تازي خبر ڏکوئيندڙ آهي. هن چيو ته پهريون ڀيرو ٻڌو پيو وڃي ته ٽرافي ڪنهن رانديگر جي نالي تي واپس ورتي پئي وڃي. جيتوڻيڪ اهو فيصلو مڪمل طور تي اي سي بي سان آهي ۽ بي سي سي آءِ ان کان واقف ٿي سگهي ٿو، اهو انگلينڊ ۽ انڊيا ڪرڪيٽ لاءِ پٽودي جي خدمتن جي غير حساسيت کي ظاهر ڪري ٿو. واضح رهي ته پٽودي سيريز 2007 ۾ انگلينڊ ۽ ڀارت وچ ۾ پهرين ٽيسٽ جي 75 هين سالگرهه جي موقعي تي متعارف ڪرائي وئي هئي. پٽودي خاندان هندستاني ڪرڪيٽ ٽيم کي ٻه عظيم ڪپتان ڏنا، جن ۾ افتخار علي خان پٽودي ۽ منصور علي خان پٽودي عرف ٽائيگر پٽودي شامل آهن.