ڪراچي(اسپورٽس ڊيسڪ) ڀارتي ڪرڪيٽر روي شاستري به نيشنل اسٽيڊيم جي وال جو حصو بڻجي ويو. ميڊيا سينٽر ۾ ٺاهيل ڀت تي لڳل تصوير ۾ ڀارتي ڪرڪيٽر سان گڏ پاڪستان جو راشد خان، طاهر نقاش، شاهد محبوب ۽ منصور اختر به موجود آهن. واضح رهي ته پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ بهترين ڪرڪيٽرن کي خراج تحسين پيش ڪرڻ لاءِ ڀت تي تصويرون لڳايون آهن.