ڪراچي(اسپورٽس نيوز) اڳوڻي ڪرڪيٽر باسط علي شعيب ملڪ کي چيمپيئنز ڪپ لاءِ اسٽالينز ٽيم جو مينٽور بڻائڻ تي پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ کي ڇتي تنقيد جو نشانو بڻايو آهي. اڳوڻو بيٽر ۽ ڪوچ سميت ڪيئي اهم عهدن تي رهندڙ باسط علي پنهنجي يوٽيوب چئنل تي ڳالهائيندي شعيب ملڪ تي ميچ فڪسنگ جو الزام لڳائيندي چيو ته جيڪڏهن ڪنهن کي ثبوت گهرجي ته ڏيڻ لاءِ تيار آهيان. باسط علي چيو ته جيڪي ماڻهو ملڪ بابت نه ٿا سوچي سگهن تن کي ذميواري نه ملڻ گهرجي جن پاڻ مڃيو آهي ته هن ڄاڻي واڻي هڪ ميچ هارائي هئي تنهن کي پي سي بي ڪيئن مينٽور بڻايو ؟ هن چيو ته رميز راجا کي انٽرويو ڏيندي شعيب ملڪ پاڻ ڄاڻي واڻي هڪ ميچ هارائڻ جو اعتراف ڪيو هو. باسط علي بابر اعظم بدران اسٽالينز جو ڪپتان محمد حارث کي بڻائڻ تي به مينٽور شعيب ملڪ تي تنقيد ڪئي، هن چيو ته بابر جي کيسي ۾ اوهان حارث جهڙا ڏهه ڪڍي سگهو ٿا. هن بابر اعظم کي ” ڪانئر “ قرار ڏيندي مشورو ڏنو ته بابر کي اهڙين حالتن ۾ عمر اڪمل يا احمد شهزاد جهڙو موقف اختيار ڪرڻ ۽ حارث جي ڪپتاني ۾ کيڏڻ کان انڪار ڪري گهرجي ها. ياد رهي ته شعيب ملڪ حارث کي ڪپتان بڻائڻ جو اعلان ڪندي چيو هو ته مان اهڙو ڪپتان مقرر ڪرڻ چاهيان ٿو جنهن ۾ مهارت هجي ۽ ڊگهي مدي لاءِ پاڪستان کي ڪاميابي ڏياري سگهي.