ممبئي (شوبز نيوز) اڳوڻي مس يونيورس هرناز سنڌو بالي ووڊ ۾ انٽري ڏيڻ لاءِ تيار آهي. ڀارتي ميڊيا موجب هرناز سنڌو ايندڙ فلم “باغي 4” سان بالي ووڊ ۾ انٽري ڏيندي، جنهن بابت هن سوشل ميڊيا تي مداحن کي اطلاع ڏنو ۽ ڀرپور خوشي جو اظهار ڪيو آهي. ميڊيا رپورٽس موجب باغي 4 رومانس ۽ ايڪشن سان ڀرپور فلم آهي، جنهن ۾ ٽائيگر شروف مک ڪردار ادا ڪري رهيو آهي. هرناز سنڌو 2021ع ۾ 21 سالن جي عمر ۾ مس يونيورس جو اعزاز ماڻيو هو.