لاهور(شوبزنيوز) اڳوڻي اداڪارا ۽ ماڊل رابي پيرزاده عمران خان جي پينٽنگ وڪڻي نه سگهي. هن سمورن سياسي ڪارڪنن کي هڪ جهڙو قرار ڏئي ڇڏيو. رابي پيرزاده پنهنجي قائم ڪيل اسڪول جي ٻارن لاءِ امداد حاصل ڪرڻ لاءِ پينٽنگ ڪندي آهي، هن ڪيتريون ئي پينٽنگون وڪرو به ڪيون آهن. جڏهن ته هوءَ نوازشريف، مريم نواز ۽ ٻين جون تصويرون ٺاهي چڪي آهي. هاڻ هن تازو ئي پي ٽي آءِ جي چيئرمين عمران خان جي تصوير ٺاهي وڪري لاءِ پيش ڪئي آهي پر اها هفتو گذرڻ باوجود به وڪرو نه ٿي سگهي آهي. هن پنهنجي ٽوئيٽ ۾ چيو ته سمورن سياسي پارٽين جا فالوور هڪ جهڙا هوندا آهن ڇا؟ اسان جي هڪ ڀيڻ کي ڪنهن فون ڪري عمران خان جي تصوير 400 ٻارن لاءِ رابي پيرزاده فائونڊيشن جي اسڪول ۾ ميز ۽ ڪرسيون ڏئي خريد ڪرڻ جو واعدو ڪيو. هڪ هفتو گذري ويو آهي پر هو نه آيو آهي. هفتي کان عمران جي تصوير وڪرو ناهي ٿي. ڇا توهان اسان جي مدد ڪري سگهو ٿا؟