حيدرآباد(بيورو رپورٽ) قاضي احمد جي ڳوٺ سالار ڏاھري واسي علي مصطفيٰ ولد علي محمد ڏاھري حيدرآباد پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته 9 مھينا اڳ منھنجي مامن اڳوڻي صلاحڪار ۽ صدر آصف زرداري جي اڳوڻي ساٿي محمد اسماعيل ڏاھري ، علي رضا ڏاھري ۽ منھنجي ٻين مائٽن جي گھرن  تي پوليس چڙهائي ڪري کين گرفتار ڪري رهي هئي، جنھن ڪري آئون ڊپ ۾ گھر ۾ لڪيل رھيس  جنھن کان پوءِ آئون ڪراچي ڇڏي بلوچستان جي دوستن وٽ  رھيس، هن چيو ته مون کي ڪنھن به نه اغوا ڪرايو نه پوليس گرفتار ڪيو ھو ، پنھنجي ڊپ ۾ ۽ خوف سبب ڀڄي ويو ھيس جڏهن ته هاڻ مان واپس اچي چڪو آھيان .